
حفيظ قريشي2
حفيظ قريشي2: هالا پراڻا جي مشھور علمي ۽ ادبي خاندان آخوند ساوڻيءَ سان تعلق رکندڙ حفيظ قريشيءَ جو جنم، 8 جولاءِ 1959ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هي عقيلي قريشي خاندان سان تعلق رکي ٿو، سنڌ ۾ سندن وڏو حاجي متين الدين دهليءَ کان اچي هبارين جي دور ۾ آباد ٿيو، سندس ڏاڏو حافظ عبدالحق نياآباد، ڪراچيءَ جي لياري واري علائقي جي خيراڻي مسجد ۾ درس ڏيندو هو ۽ 1914ع کان 1920ع تائين شھر جو قاضي رهيو. جتي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سندس والد قاضي عبدالرحمان برٽش آرمي ڇڏڻ کانپوءِ سيڪشن آفيسر ۽ بجيٽ آفيسر ٿي رهيو. ون يونٽ ٺھڻ کانپوءِ سندس والد پهرين لاهور، پوءِ حيدرآباد، پراڻي وحدت ڪالونيءَ ۾ اچي رهيو. اهڙيءَ ريت حفيظ قريشي، پهريون درجو ڪراچيءَ سر عبدالله هارون جي مدرسي مان پاس ڪرڻ کانپوءِ باقي تعليم حيدرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄام شوري مان حاصل ڪئي.
هـن 1982ع ۾ آرڪـيـٽيـڪـچــر ۾ ڊپـلــومـا، 1987ع ۾ ائسـوسيـئيـٽ انجنيئرنگ ۾ چئن سالن جو ڊپلومه سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ڪـراچــيءَ مــان، بـعـد ۾ 1983ع ۾ پوليٽيڪل سائنس، (1992ع) ۽ ماس ڪميونيڪيشن (2006ع) ۾، سنڌي ادب ۾ ماسٽرس کان علاوہ 2003ع ۾ قانون جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي. هن جي ابتدائي علمي ۽ ادبي تربيت والدہ زبيدہ کان ٿي ۽ سياسي تربيت جا سبق سائين جي. ايم. سيد ۽ پروفيسر سيد ظفر حسن کان حاصل ڪيائين. 1978ع ۾ جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ٿيو ۽ جنرل ضياء الحق خلاف پمفليٽ ’اسان ۽ توهان‘ ورهائڻ جي ڏوھہ ۾ هڪ سمري ملٽري ڪورٽ نمبر 18 جي ميجر صوفي غلام محمد کيس 15 آڪٽوبر 1981ع تي هڪ سال سخت پورهئي ۽ ڏهن ڪوڙن جي سزا ٻڌائي، جڏهن تہ 7 جنوري 1982ع تي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ نيشنل عوامي پارٽيءَ لاءِ ٺهيل جيل جي ڪورٽ جي چوديواريءَ ۾ ڪوڙا لڳايا ويا. 88-1990ع ۾ کيس بينظير ڀٽو شھيد ڪوڙن جي سزا جي اعزاز طور نوڪري جي آڇ ڪئي جيڪا هن رد ڪئي. اڳتي هلي هن هڪ سماجي تنظيم سنڌي قومي ساٿ جي هلچل ۾ پنھنجي ڀيڻ فھميدہ قريشيءَ سان گڏجي ڀرپور نموني بھرو ورتو. سنڌ ۾ باندي کيت مزدورن جي آجپي واري تحريڪ کي هَٿِي ڏني. هن پنھنجي ڀيڻ فھميدہ قريشي سان گڏ سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. 90-1988ع جي نسلي فسادن جي متاثر سنڌين لاءِ حيدرآباد ۾ سحرش نگر آباد ڪرايو جنهن لاءِ هي ٻئي ڀاءُ ڀيڻ اڃا تائين قانوني جاکوڙ ڪري رهيا آهن. هن 1988ع ۾ ٿيل لساني فسادن تي ’ڌرتيءَ ڌڪاڻا‘ ڊاڪيومينٽري فلم ٺاهي.
ٽنڊي بھاول واري مشھور سانحي ۾ جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي هڪ ميجر هٿان 10 بيگناھہ هارين ۽ پورهيتن جو قتل ٿيو تہ حفيظ قريشي ۽ سندس ڀيڻ فھميدہ قريشي ڳوٺاڻن سان گڏجي آواز اُٿاريو ۽ ٽنڊي بھاول کان حيدرآباد ۽ حيدرآباد کان ايوان صدر- اسلام آباد تائين لاڳيتو جاکوڙ ڪئي ۽ حڪمرانن پاران انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهڻ تي ٻن ڀينرن حاڪمزادي ۽ زيب النساءِ جي خودسوزيءَ کانپوءِ قاتل ميجر ارشد جميل منطقي انجام تي پهتو. اهڙي جاکوڙ جي ڪري رياست پاران قومي ساٿ جي سوين ڪارڪن هارين ۽ ٻين ڪارڪنن سوڌو، حفيظ قريشي، فھميدہ قريشي، مائي جندو ۽ ٻين تي 19 جڙتو ڪيس مڙهيا ويا، جيڪي 1996ع کان 2000ع تائين هلي پورا ٿيا.
حفيظ قريشي آرٽسٽ هئڻ جي حيثيت ۾ مشاهير سنڌ تي بہ ڪم ڪيو آهي. هن 2003ع ۾ علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ ۽ ايلسا قاضيءَ جي 18 پورٽريٽن ۽ 2004ع ۾ سن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي 18 پورٽريٽن جو نماءُ ڪيو. جڏهن تہ مختلف وقتن تي هن سنڌ جي ٻين مشاهرين، جنرل هوش محمد شيدي، حر تحريڪ جي ڪردارن، محمد صديق مسافر، مولوي احمد ملاح، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مخدوم شفيق الزمان، ملڪ آگاڻي سميت شيخ مجيب الرحمان، خان غفار خان، بينظير ڀٽو ۽ ٻين جا پورٽريٽ ٺاهيا. هن جو هڪ ڪتاب ’کليل خط‘ 1989ع ۾ ڇپيو. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت دوران مختلف ڪتاب ايڊٽ ڪيا. هن شاعر شھيد غلام رسول مستاني جو مجموعو ’آزادي اعلان اسان جو‘ ترتيب ڏنو. حفيظ قريشي تحقيقي مقالا بہ لکندو رهيو آهي. هيءُ سنڌ يونيورسٽي جي جاگرافي شعبي ۾ نقشه نويس آهي.
1959.07.08 عيسوي
هالا پراڻا جي مشهور علمي ۽ ادبي خاندان آخوند ساوڻيءَ سان تعلق رکندڙ حفيظ قريشيءَ جو جنم، 8 جولاءِ 1959ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.