حق: حق جي لغوي معنيٰ صحيح، درست، سچو ۽ انصاف تي ٻڌل آهي. صوفي ازم ۾ ’حق‘ جي معنيٰ ذاتِ حقيقي به ورتي وڃي ٿي. حق لفظ قبل از اسلام جي شاعريءَ ۾ عام آهي، عربن هن کي صدق جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي، الحق جي معنيٰ ثابت، دوامي ۽ حقيقي پڻ بيان ڪئي وڃي ٿي، اهو ئي سبب آهي ته قرآن مجيد جي تفسيرن ۾ هن جي معنيٰ ’الثالث‘ ورتي وڃي ٿي، انهيءَ ڪري البيضاوي الحق جي معنيٰ ’الله‘ جي تشريح ڪندي لکي ٿو ته: جنهن جي ربوبيت ثابت ۽ حقيقي هجي. ’صحاح‘ ۾ حق جي تعريف ڪندي صرف ايترو لکيل آهي ته حق باطل جو ضد آهي ۽ ان جو اهو مفهوم قرآن مجيد ۽ ٻين ڪتابن ۾ لکيل آهي.
حق الله الحسنيٰ'>اسماءُ الله الحسنيٰ ۾ پڻ شامل آهي، حق ان ذات کي چئجي ٿو جيڪا حڪمت جي تقاضائن مطابق شين کي ايجاد ڪري. اسلام کان پهرين به حق جي اها ئي معنيٰ هئي، جيئن ته لبيد جي هن مصرع مان ثابت ٿئي ٿو: ياد رکو: الله کانسواءِ هر شيءِ باطل آهي. حق، الله تعاليٰ جو مناسب ترين نالو آهي. حق جي مٿين معنائن کانسواءِ جتي هن کي الله لاءِ اصلاً ۽ خلق لاءِ ضمناً استعمال ڪيو وڃي ٿو، اُتي حق جي معنيٰ فرض جي پڻ آهي، جنهن ۾ حڪم جو تصور شامل آهي. ’حق لي‘ جو مطلب اهو حق، جيڪو مون کي حاصل آهي ۽ ’حق عليٰ‘ جو مطلب اهو فرض جيڪو مون تي لاڳو آهي، انهيءَ مان حقوق العباد جي مقابلي ۾ حقوق الله جو تصور پيدا ٿيو. صوفين وٽ سلوڪ جي آخري منزل ’حقيقت‘ آهي ۽ ان جو مقام معرفت کان گهڻو اڳيان آهي. اهڙيءَ طرح ’حق اليقين‘ يقين جي آخري منزل آهي، جيڪا اهل حال کي انهيءَ وقت حاصل ٿيندي آهي، جڏهن اهي عين اليقين ۽ علم اليقين کانپوءِ حقيقت ۾ فنا ٿي ويندا آهن. صوفين جي نظر ۾ حقوق النفس اهي امر آهن، جيڪي زندگيءَ جي بقا ۽ قيام لاءِ ضروري آهن، ان جي برعڪس حظوظ النفس اهي شيون، جن جي نفس خواهش ڪري ٿو، پر اهي سندس بقا لاءِ ضروري نه آهن.
امام رازي، حق بابت لکي ٿو ته، حق ان کي چئجي جنهن جو انڪار نه ٿي سگهي، ’تفسير ڪبير‘ ۾ لکيل آهي ته: ”جڏهن ڪو به امر واجب الوجوب ۽ ثابت ٿئي ته ان لاءِ حق الامر جا لفظ استعمال ٿين ٿا. قرآن مجيد ۾ ’حق‘ لفظ ٻه سئو ستاويهه ڀيرا استعمال ٿيو آهي. (حوالو: دائره معارف اسلامي)