حقوق الوالدين: اسلام ۾ انسانن تي والدين جا حق بجا آڻڻ لازم قرار ڏنا ويا آهن. نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وآلھ وسلم جو ارشاد آهي تہ: والدين جا حق اولاد تي گهڻا آهن، جيڪڏهن هو ڪنهن جا غلام آهن تہ اولاد تي فرض آهي تہ انهن کي آزاد ڪرائي. نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن وڌيڪ فرمايو تہ: ماءُ ۽ پيءُ جي حقن جي ادائگي روزي، نماز، حج، زڪوات کان وڌيڪ اهم آهي ۽ جنهن کي ماءُ پيءُ گهران ڪڍي ڇڏيو اهو جنت ۾ ڪو نہ ويندو. هڪ شخص نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين تہ: يا رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم منهنجا والدين گذاري ويا آهن ان جا حق ڪيئن ادا ڪريان: ” تہ حڪم ٿيو تہ انهن لاءِ نماز پڙھہ ۽ دعا ڪر ۽ جيڪا هو وصيت ڪري ويا اها بجا آڻي ان تي عمل ڪر، انهن جي دوستن جي عزت ڪر ۽ انهن جي ويجهن ماڻهن سان مروت ڪر“.