حقوق اولاد

حقوق اولاد: اولاد جي حقن جي باري ۾ نبي اڪرم صلي عليہ وسلم کان هڪ شخص دريافت ڪيو تہ نيڪي ڪنهن سان ڪرڻ کپي تہ حضور صلي عليہ وسلم جن فرمايو تہ والدين سان نيڪي ڪرڻ کپي. ان ٻيهر عرض ڪيو تہ جيڪڏهن هو فوت ٿي چڪا هجن ته؟ پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جن فرمايو: پنھنجي اولاد سان، ڇو جو ٻنهي جا حق برابر آهن. خداوند تعاليٰ انهيءَ شخص تي رحم ڪندو آهي جيڪو پنھنجي پٽ کي صالح ۽ نيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ پنھنجي سخت مزاجيءَ جي ڪارڻ پنھنجي اولاد کي بي دخل نہ ڪندو آهي. حضور صلي عليہ وسلم جن جو حڪم آهي تہ اولاد جي صحيح نشونما ۽ تربيت ڪريو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو