حـق مَهـر: حق مھر جي رسم جي پسمنظر تي نظر وجهجي ٿي تہ معلوم ٿئي ٿو تہ قديم وقت ۾ عربستان ۾ شاديءَ جي موقعي تي مڙس، زال جي پيءُ کي رقم ڏيندو هو، جنهن کان سواءِ شادي ٿي نہ سگهندي هئي، ان رقم مان ڪجهہ حصو ڪنوار کي بہ ملندو هو. اڳتي هلي اها رسم، مَهر جي صورت ۾، اسلامي روايتن جو حصو بڻجي وئي. عربستان جي سڪي موجب حق مھر جي رقم گهٽ ۾ گهٽ 10 درهم مقرر ڪئي وئي ۽ نڪاح جو لازمي حصو قرار ڏني وئي. ’صحيح بخاري‘ ۾ اچي ٿو ته، لوھہ جي هڪ مُنڊي ڏيڻ سان بہ نڪاح ٿي سگهي ٿو. هڪ حديث موجب حضرت ابو طلحـٰه رضہ اُمِ سليمَ کي نڪاح جو پيغام موڪليو تہ اُن کيس اسلام قبولڻ لاءِ چيو، جنهن کي ئي هن حق مھر سڏيو. حق مھر جي ادائگيءَ بابت سورة نساءِ ۾ هدايت ٿيل آهي، ’مھر ۾ هڪٻئي جي رضامنديءَ سان گهٽ وڌائي ڪرڻ جائز آهي. حق مھر خوشيءَ سان ۽ لازمي طرح ڏيڻ گهرجي.‘
حق مھر جا ٻہ قسم آهن: (1) ’مھر مسميٰ‘، جنهن ۾ رقم مقرر هوندي آهي، ۽ (2) ’مھر مِثل‘، جنهن موجب حيثيت آهر رقم مقرر ڪبي آهي، جنهن ۾ جاءِ، زمين وغيرہ ڏئي سگهجي ٿي، جيڪا زال جي ملڪيت ٿي ويندي.
حق مھر کي ٻن حصن ۾ ورڇي سگهجي ٿو: (الف) ’مھر معجل‘، جنهن جي ادائگي نڪاح وقت ڪئي وڃي، (ب) ’غير معجل‘، جنهن جي ادائگيءَ لاءِ محلت ڏني وڃي، اُن کي ’موجل‘ بہ چئبو آهي.
اسلامي نقطئه نگاھہ کان حق مهر، زال جو مڙس تي قرض آهي. (حوالو ۽ اختصار: شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا)