حلال

حــلال: هيءُ عربي ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، جنهن جو مفهوم مباح، روا، جائز قرار ڏيڻ وغيرہ آهي. اسلامي شريعت موجب اها شيءِ جيڪا قرآن ۽ سنت جي هدايت مطابق واپرائڻ جوڳي قرار ڏني وئي هجي، اها حلال آهي. حلال شيون اهي آهن جيڪي قرآن شريف ۽ سنت مطابق جائز ڪيون ويون آهن. انهيءَ کانسواءِ حلال جي هڪ تعريف هيءَ بہ آهي تہ: هر اهو ڪم جائز آهي، جنهن سان تعاليٰ جي نافرماني نہ ٿئي. حديث نبوي ؐ آهي تہ ”جنهن چاليهن ڏينهن تائين رزق حلال کاڌو تعاليٰ ان جي قلب کي منور ڪري ڇڏيندو ۽ ان مان حڪمت جا سرچشما نڪرندا.“ جانورن جو گوشت کائڻ کان پهرين هيءُ جائزو وٺڻ لازمي هوندو آهي تہ ڇا اهو حلال جانور آهي ۽ ڇا ان کي تڪبير پڙهي ذبح ڪيو ويو آهي يا نہ. اهو جائزو وٺڻ کانپوءِ ان جانور جو گوشت کائي سگهجي ٿو. اهو انسان جي پنھنجي هٿ ۾ آهي تہ هو حلال شين مان جن کي استعمال ڪري ۽ جن کي چاهي ترڪ ڪري. حديث نبويصه ۾ آهي تہ: ’حلال‘ اها شيءِ آهي جنهن کي تعاليٰ پنھنجي ڪتاب ۾ حلال ڪري ڇڏيو ۽ حرام اها شيءِ آهي جنهن کي تعاليٰ پنھنجي ڪتاب ۾ حرام قرار ڏنو ۽ جنهن جي باري ۾ تبارڪ و تعاليٰ پنھنجي ڪتاب ۾ سڪوت اختيار ڪيو، اها اوهان لاءِ معاف ۽ مباح آهي.


لفظ حلالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو