حــلال: هيءُ عربي ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، جنهن جو مفهوم مباح، روا، جائز قرار ڏيڻ وغيره آهي. اسلامي شريعت موجب اها شيءِ جيڪا قرآن ۽ سنت جي هدايت مطابق واپرائڻ جوڳي قرار ڏني وئي هجي، اها حلال آهي. حلال شيون اهي آهن جيڪي قرآن شريف ۽ سنت مطابق جائز ڪيون ويون آهن. انهيءَ کانسواءِ حلال جي هڪ تعريف هيءَ به آهي ته: هر اهو ڪم جائز آهي، جنهن سان الله تعاليٰ جي نافرماني نه ٿئي. حديث نبوي ؐ آهي ته ”جنهن چاليهن ڏينهن تائين رزق حلال کاڌو الله تعاليٰ ان جي قلب کي منور ڪري ڇڏيندو ۽ ان مان حڪمت جا سرچشما نڪرندا.“ جانورن جو گوشت کائڻ کان پهرين هيءُ جائزو وٺڻ لازمي هوندو آهي ته ڇا اهو حلال جانور آهي ۽ ڇا ان کي تڪبير پڙهي ذبح ڪيو ويو آهي يا نه. اهو جائزو وٺڻ کانپوءِ ان جانور جو گوشت کائي سگهجي ٿو. اهو انسان جي پنهنجي هٿ ۾ آهي ته هو حلال شين مان جن کي استعمال ڪري ۽ جن کي چاهي ترڪ ڪري. حديث نبويصه ۾ آهي ته: ’حلال‘ اها شيءِ آهي جنهن کي الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ حلال ڪري ڇڏيو ۽ حرام اها شيءِ آهي جنهن کي الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ حرام قرار ڏنو ۽ جنهن جي باري ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ سڪوت اختيار ڪيو، اها اوهان لاءِ معاف ۽ مباح آهي.