حليم شو

حليم شو

حليم شو

حليم شو (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي نامور مزاح نگار ۽ نقاد حليم بروهيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ سندس اڻ ڇپيل ڪهاڻيون، ڇپيل ڪهاڻيون، شاعري ۽ تبصرا شامل آهن. ڪتاب جي ارپنا حليم بروهيءَ هنن لفظن ۾ ڪئي آهي: ”پنهنجن پيارن ۽ مهربان دوستن: ڊاڪٽر تنوير عباسي، الطاف شيخ، نياز همايوني، طارق اشرف، ولي رام ولڀ ۽ ظفر حسن جي نالي، جن جي پيار ۽ مهربانين جو احساس مون کي هميشہ رهيو آهي ۽ سدائين رهندو.“
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، آڪٽوبر 1983ع ۾ ڇپايو هو، ۽ ان جو هي ٻيو ڇاپو 1991ع ۾ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، سنڌ ڇپايو آهي. ڪتاب جا ٻہ اکر، پبلشر ناز سنائيءَ لکيا آهن. اهڙيءَ طرح حليم بروهيءَ بہ ٻہ اکر لکيا آهن، جن ۾ هن لکيو آهي ته، ”هي سچ پچ ٻہ اکر آهن.
- ڪنهن ماڻهوءَ جو دماغ خراب ڪرڻو هجي تہ هن جي ساراھہ لکت ۾ ڪري ڇڏيو، هو ماڻهو پاڻيهي آپي کان ٻاهر نڪري ويندو.
- ڪنهن ماڻهوءَ هٿان پنھنجي بيعزتي ڪرائڻي هجي تہ هن تي ڪا مهرباني ڪري ڇڏيو، هو پاڻيهي ئي اوهان جو فرسٽ ڪلاس دشمن ٿي ويندو ۽ اوهان کي بيعزت ڪرڻ لاءِ وجهہ پيو ڳوليندو.
- هي ٿيا ٻہ اکر- حليم بروهي.“
هن ڪتاب جو پيش لفظ بہ حليم بروهيءَ پاڻ لکيو آهي. جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي تہ مزاح لکندڙ جو مزاح فقط 10 سال جٽاءُ ڪندو آهي ... سٺو ليکڪ پنھنجي وقت کان ڪجهہ اڳتي هلندو آهي... مزاح حقيقت ۾ لڪل ڪاميڊي بہ آهي ۽ ٽريجڊي بہ ... دنيا جي عظيم ليکڪن کي ڪنهن بہ مزاح نگار کي نہ ڳڻيو ويندو آهي ... مان پنھنجي لکڻين ۾ نان سينس کان سينس تائين ۽ سينس کان نان سينس تائين پاڻ بہ ڊوڙندو رهيو آهيان. وغيرہ وغيرہ.
هن ڪتاب جي پهرئين حصي ’اڻ ڇپيل ڪهاڻيون‘ هيٺ سندس ست ڪهاڻيون شامل آهن. ٻئي حصي جي عنوان ’ڇپيل ڪهاڻيون، شاعري ۽ تبصرا‘ ۾ چاليھہ عنوان شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 212 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي.


لفظ حليم شوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو