حمال

حمال: هن لفظ جي معنيٰ آهي بار کڻندڙ، يعني باربردار. مزورن جي هڪ طبقي کي حمال چيو وڃي ٿو. هي مزدور اهڙي جڳھہ تي سامان کڻي پڄائڻ جو ڪم ڪن ٿا، جتي اڪثر جانور بہ بار کڻي وڃي نہ سگهندو آهي. ڪارخانن ۾ بار ڍوئيندڙ مزورن کي ’حمالي‘ چيو وڃي ٿو. انهيءَ نسبت سان بار ڍوئڻ يا ان جو معاوضو وٺڻ واري کي ’حمالي‘ چوندا آهن. آڳاٽي وقت ۾ عزتدار گهراڻن جي پردي پوش عورتن کي ڏوليءَ ۾ هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين کڻي ويندڙن کي بہ ’حمال‘ يا ’حمالي‘ چيو ويندو هو. سنڌ جي ڪن شهرن ٺٽي ۽ روهڙيءَ ۾ اڃان تائين عورتن جو ڏوليءَ ۾ چڙهڻ جو رواج باقي آهي، جنهن کي حمال کڻندا آهن.


لفظ حمالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو