حمزو بن عبدالمطلب رضي الله عنه

حمزو بن عبدالمطلب رضي الله عنه : اسلام جو سپھہ سالار حضرت حمزہ رضي الله عنه حضرت عبدالمطلب جو فرزند ۽ رسول اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو چاچو هو. سندن ڪنيت ابو عمار هئي. حضرت حمزو رسول ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کان صرف ٻہ سال وڏو هو. سندس والدہ هاله بنت وهب هئي، جيڪا حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي والدہ بيبي آمنہ رضي ﷲ عنها جي سڳي سؤٽ هئي. حضرت حمزي رضي الله عنه جي طبيعت مھم جو ۽ ڏکين ڪمن کي سر انجام ڏيڻ طرف مائل هئي. حضرت عبدالمطلب رضي الله عنه جي رحلت وقت سندس عمر ڏھہ سال هئي، جنهنڪري سندن تعليم ۽ تربيت ناناڻن ۾ ٿي. عرب ۾ ان وقت شاعريءَ ۽ انساب جو علم ئي تعليم جي زمري ۾ ايندو هو. جنگي مهارت، گهوڙي سواري ۽ شڪار وغيرہ معزز فنن ۾ شمار ٿيندا هئا. حضرت حمزي رضي الله عنه کي شاعريءَ سان لڳاءُ هو. تمام دلير ۽ جنگجو هو. اڪثر جنگين دوران گهوڙيسواري، نيزي بازي، تلوار بازي ۽ تير اندازيءَ جي مشق ڪندو هو. هجرت وقت پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم سان حضرت حمزو رضي الله عنه بہ گڏ هو. هجرت کان فوراً پوءِ پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم صحابين جي هڪ جماعت کي ڪافرن جي مقابلي لاءِ موڪليو ۽ ان لشڪر جو سپھہ سالار حضرت حمزورضي الله عنه هو، جنهن کي پاڻ سڳورن جهنڊو عطا ڪيو. ٻي هجريءَ ۾ جڏهن بدر جي جنگ جي آغاز ۾ قريش سردار عتبه، سندس ڀاءُ شيبه ۽ سندس پٽ وليد ميدان ۾ نڪتا ۽ پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم سندن مقابلي ۾ ڪجهہ انصاري اصحاب موڪليا، پر عتبه چوڻ لڳو تہ اسين صرف قريش جي ماڻهن سان ئي مقابلو ڪنداسين. اهو ٻڌي حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن حضرت حمزي رضه، حضرت علي ابن ابي طالب رضي الله عنه ۽ حضرت ابو عبيده کي موڪليو. حضرت حمزي رضي الله عنه عتبه بن ربيعه کي هڪ ئي وار ۾ قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن حضرت علي ڪرم ﷲ وجهه ۽ ابو عبيده کي بہ فتح حاصل ٿي. عتبه بن ربيعه ابو سفيان جي زال هند جو پيءُ هو. اهو ٻڌي هند غمگين ٿي وئي ۽ پڪو ارادو ڪيائين تہ پنھنجي پيءُ (عتبه بن ربيعه) جو بدلو ضرور وٺندي. اهو ارادو ڪرڻ کانپوءِ هن پنھنجي هڪ وڏي نيزي باز حبشي غلام کي حضرت حمزي رضي الله عنه جي قتل لاءِ مقرر ڪيو ۽ اهو چيائين تہ: ”اي حبشي غلام! نيزو حمزي جي ڪک ۾ هڻجان تہ جيئن آءٌ حمزي رضہ جو جگر ڪڍي کائي سگهان. ٽين هجريءَ ۾ احد جي جنگ ۾ حضرت حمزي رضي الله عنه ڪيترن ئي ڪافرن کي قتل ڪيو. احد واري جنگ ۾ پاڻ وڙهي رهيو هو تہ هند جي مقرر ڪيل حبشي غلام حضرت حمزي رضي الله عنه کي اهڙو تہ نيزو اڇلائي هنيو، جو اهو نيزو سندن جگر مان آرپار ٿي ويو ۽ سندن شهادت ٿي. هند پنهنجو ناپاڪ ارادو پورو ڪرڻ بعد پنھنجي پيءُ عتبه جي قبر تي وڃي چيو تہ بابا ڏس! مون تنھنجي قاتل کان بدلو وٺي ڇڏيو ۽ کيس اذيت ناڪ موت ڏنو اٿم. حضرت حمزي رضي الله عنه جي شهادت جي خبر جڏهن پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم کي پئي تڏهن پاڻ سڳورا صلي ﷲ عليہ وسلم اشڪبار ٿي ويا ۽ حضرت حمزي رضي الله عنه جي قتل جي بدلي وٺڻ جو قسم کنيو مگر وحيءَ ذريعي خدا جي طرفان منع ٿيڻ سبب اهڙو ارادو ترڪ ڪيائيون ۽ قسم جو ڪفارو ادا ڪيائيون. آخر ۾ قاتل حبشي غلام مسلمان ٿيو پر پاڻ ان کي پنھنجي سامهون اچڻ کان جهلي ڇڏيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو