حمزو بن عبدالمطلب رضہ: اسلام جو سپھہ سالار حضرت حمزہ رضہ حضرت عبدالمطلب جو فرزند ۽ رسول اڪرمصه جن جو چاچو هو. سندن ڪنيت ابو عمار هئي. حضرت حمزو رسول ڪريم جن کان صرف ٻہ سال وڏو هو. سندس والدہ هاله بنت وهب هئي، جيڪا حضورصه جن جي والدہ بيبي آمنہ رضي ﷲ عنها جي سڳي سؤٽ هئي. حضرت حمزيرضه جي طبيعت مھم جو ۽ ڏکين ڪمن کي سر انجام ڏيڻ طرف مائل هئي. حضرت عبدالمطلب جي رحلت وقت سندس عمر ڏھہ سال هئي، جنهنڪري سندن تعليم ۽ تربيت ناناڻن ۾ ٿي. عرب ۾ ان وقت شاعريءَ ۽ انساب جو علم ئي تعليم جي زمري ۾ ايندو هو. جنگي مهارت، گهوڙي سواري ۽ شڪار وغيرہ معزز فنن ۾ شمار ٿيندا هئا. حضرت حمزي کي شاعريءَ سان لڳاءُ هو. تمام دلير ۽ جنگجو هو. اڪثر جنگين دوران گهوڙيسواري، نيزي بازي، تلوار بازي ۽ تير اندازيءَ جي مشق ڪندو هو. هجرت وقت پاڻ سڳورن صہ سان حضرت حمزورضه بہ گڏ هو. هجرت کان فوراً پوءِ پاڻ سڳورن صحابين جي هڪ جماعت کي ڪافرن جي مقابلي لاءِ موڪليو ۽ ان لشڪر جو سپھہ سالار حضرت حمزو رضہ هو، جنهن کي پاڻ سڳورن جهنڊو عطا ڪيو. ٻي هجريءَ ۾ جڏهن بدر جي جنگ جي آغاز ۾ قريش سردار عتبه، سندس ڀاءُ شيبه ۽ سندس پٽ وليد ميدان ۾ نڪتا ۽ پاڻ سڳورنصه سندن مقابلي ۾ ڪجهہ انصاري اصحاب موڪليا، پر عتبه چوڻ لڳو تہ اسين صرف قريش جي ماڻهن سان ئي مقابلو ڪنداسين. اهو ٻڌي حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن حضرت حمزي رضه، حضرت علي ابن ابي طالب رضہ ۽ حضرت ابو عبيده کي موڪليو. حضرت حمزي رضہ عتبه بن ربيعه کي هڪ ئي وار ۾ قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن حضرت علي ڪرم ﷲ وجهه ۽ ابو عبيده کي بہ فتح حاصل ٿي. عتبه بن ربيعه ابو سفيان جي زال هند جو پيءُ هو. اهو ٻڌي هند غمگين ٿي وئي ۽ پڪو ارادو ڪيائين تہ پنھنجي پيءُ (عتبه بن ربيعه) جو بدلو ضرور وٺندي. اهو ارادو ڪرڻ کانپوءِ هن پنھنجي هڪ وڏي نيزي باز حبشي غلام کي حضرت حمزي رضہ جي قتل لاءِ مقرر ڪيو ۽ اهو چيائين تہ: ”اي حبشي غلام! نيزو حمزي جي ڪک ۾ هڻجان تہ جيئن آءٌ حمزي رضہ جو جگر ڪڍي کائي سگهان. ٽين هجريءَ ۾ احد جي جنگ ۾ حضرت حمزي رضہ ڪيترن ئي ڪافرن کي قتل ڪيو. احد واري جنگ ۾ پاڻ وڙهي رهيو هو تہ هند جي مقرر ڪيل حبشي غلام حضرت حمزي رضہ کي اهڙو تہ نيزو اڇلائي هنيو، جو اهو نيزو سندن جگر مان آرپار ٿي ويو ۽ سندن شهادت ٿي. هند پنهنجو ناپاڪ ارادو پورو ڪرڻ بعد پنھنجي پيءُ عتبه جي قبر تي وڃي چيو تہ بابا ڏس! مون تنھنجي قاتل کان بدلو وٺي ڇڏيو ۽ کيس اذيت ناڪ موت ڏنو اٿم. حضرت حمزي رضہ جي شهادت جي خبر جڏهن پاڻ سڳورن صہ کي پئي تڏهن پاڻ سڳورا صہ اشڪبار ٿي ويا ۽ حضرت حمزي رضہ جي قتل جي بدلي وٺڻ جو قسم کنيو مگر وحيءَ ذريعي خدا جي طرفان منع ٿيڻ سبب اهڙو ارادو ترڪ ڪيائيون ۽ قسم جو ڪفارو ادا ڪيائيون. آخر ۾ قاتل حبشي غلام مسلمان ٿيو پر پاڻ ان کي پنھنجي سامهون اچڻ کان جهلي ڇڏيو هو.