حمل جت

حمل جت: حمل جت، صوفي شاھہ عنايت شهيدرح جي تحريڪ خلاف سازش ڪندڙن مان هڪ شخص هو. حمل جت جي پيءُ جو نالو لاکو هو. سندس خاندان علائقي ۾ وڏي اثر رسوخ وارو جاگيردار خاندان هو. هن جو پڙڏاڏو بہ حمل بن لاکو هو، جنهن دهليءَ جي تخت ڌڻين شير الملڪ ۽ شاھجھان مغل جي وچ ۾ هلندڙ جنگ دوران شاھجھان جي وڏي مدد ڪئي هئي ۽ جڏهن شاھجھان ان جهيڙي ۾ سوڀارو ٿي تاج جو مالڪ ٿيو تہ هن سنڌ ۾ حمل بن لاکي کي جاگيرن جا پروانا جاري ڪيا. حمل جت جي خاندان جو اثر رسوخ دهلي سلطنت تائين هو. جڏهن صوفي شاھہ عنايت شھيد جاگيرداريءَ خلاف جدوجھد شروع ڪئي ۽ برابريءَ وارو سماج قائم ڪرڻ گهريو تہ هن بہ صوفي شاھہ عنايت شهيدرح جي وڏي مخالفت ڪئي. حمل جت، سيد عبدالواسع، نور محمد پليجي ۽ ٻين سان سان گڏجي شاھہ عنايت شھيد تي حملن ۾ شريڪ رهيو. دهلي درٻار جي حڪم تي صوفي شاھہ عنايت خلاف لشڪر ڪٺو ڪيائين. صوفي شاھہ عنايت شهيدرح خلاف پنھنجي قبيلي مان بہ ماڻهو ڪٺا ڪيائين، پر انهن شاھہ عنايت سان وڙهڻ کان نابري واري, پوءِ بہ هن نور محمد پليجي سان گڏجي صوفي شاھہ عنايت خلاف جنگ ڪرڻ جي نيت سان هڪ وڏو لشڪر جمع ڪيو ۽ صوفين جي قتلام ۾ سڀ کان اڳڀرو رهيو.


لفظ حمل جتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو