حمل خان جت بلوچ: هن بزرگ کي عام طرح سان ’حمر‘ جي نالي سان ڪوٺيو ويندو آهي. ’حمر‘ ۽ ’راڌو‘ ٻئي ’ميري منڊي ملڪاڻي ڪلمتي‘ جا پٽ هئا. حمر وڏو سخي مرد هو، سندس سخاوت تان هي پهاڪو ٺهيو ته: ”جت حمر، تن ڪهڙو کڻبو ثمر“ حمر پٽيهل جي الهندي پاسي رهندو هو، جتي سندس سرداري قائم هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ ۾لکي ٿو ته: ”لاڙ جي جتن بلوچن جي سرواڻن مان حمر ۽ راڌو ٻئي ڀائر هئا، حمر وڏو سخي هو، جو منزل کڻڻ وقت به گوشت پڪل ۽ مانيون چلهن تي ڇڏي ويندو هو ته من ڪو ڪمهلو مهمان اچي کائي، تڏهن پهاڪو مشهور ٿيو ته: ”حمر ته ڪهڙو ثمر“ حمر جو پٽ ميراڻ به سخي هو، جنهن لاءِ مشهور ٿيو ته:
درباني در کول ته پسان منهن ميراڻ جو،
اسين گھرنداسين لک ته هو ڏيندو ڪروڙ،
جت تنهين سين جوڙ، جو گجي ٿو گرنار ۾.
رڙيءَ جي مقام وٽ حمر جي نسبت سان هڪ واهه به مشهور هو، جنهن کي ’حمراهه‘ (حمر جو واهه) چيو ويندو هو. حمر جي باري ۾
’مقالات الشعراءَ‘ جو مصنف لکي ٿو ته: ”حمول پٽ لاکو جت پڻ انهيءَ گروهه جو دشمن هو، جنهن سندس خلاف پنهنجي هم خيال ماڻهن کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڀڙڪائڻ شروع ڪيو، انهيءَ وچ ۾ انبوهه ماڻهن جا فقيري اختيار ڪري، زماني جي ڏاڍاين سبب امان حاصل ڪرڻ خاطر صوفي شاهه عنايت وٽ اچي گڏ ٿيا. حبيب الله رشدي
’ديوان محسن‘ جي مقدمي ۾ حمل جت جو احوال ڏيندي لکيو آهي ته: ”حمل بن لاکي جت جو خاندان هن علائقي ۾ وڏو امتياز رکندو هو. جنهن جو هڪ هيٺيون تاريخي سبب آهي. شاهجهان پنهنجي زماني ۾ پنهنجي پيءُ جهانگير سان بغاوت ڪئي هئي ۽ سندس وفات کان ڪجھه وقت پهريان اهو ارادو ڪيو هو ته سنڌ جي رستي سان ايران هليو وڃي ۽ اتان فوجي مدد حاصل ڪري، هنسدتان تي حملو ڪري هو ٺٽي پهتو. انهيءَ زماني ۾ جهانگير ٺٽي جو علائقو پنهنجي ننڍي شهزادي شهريار کي جاگير جي طور تي ڏنو هو. شهزادي شهريار پاران شريف الملڪ (جنهن کي مؤرخ شرير الملڪ پڻ لکن ٿا) ٺٽي جو صوبيدار هو، شريف الملڪ شاهجهان سان سخت بدتميزي ڪئي، کيس ٺٽي جي قلعي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ۽ ٺٽي جي قلعي مان شهزادي جي ڇانوڻيءَ تي گولا باري ڪيائين.“ مؤرخن جي بيان مطابق اهڙي نازڪ دور ۾ حمر بن لاکي جي پڙ ڏاڏي، جنهن جو نالو به ’حمر بن لاکو‘ هو. تنهن مغل حڪمران جهانگير جي سندس پٽ شاهجهان خلاف جنگ ۾ شاهجهان جي وڏي مدد ۽ خدمت ڪئي هئي. شاهجهان جڏهن بادشاهه ٿيو ته حمل جت جي انهيءَ احسان جي عيوض مٿس گھڻو مهربان رهيو ۽ هن جو اعزاز ۽ افتخار گھڻو بلند ڪري ڇڏيائين. پنهنجي انهيءَ بلند اعزاز جي ڪري حمل جت جو خاندان مقامي صوبيدارن توڙي حاڪمن کي اک ۾ ئي نه آڻيندو هو.
ڪتاب ’مختصر تاريخ گولاڙچي‘ جي مصنف حافظ محمد رمضان مهيريءَ صفحي 80 تي لکيو آهي ته: ”صوفي شاهه عنايت جي شهادت ۾ حمل جت جو به هٿ هو.“ حمل جي طاقت جو اندازو هن شعر مان لڳائي سگھجي ٿو ته:
ڪي تو حمل، ڪي تون هوت، ڪي تون آريءَ اڳيون
پکو تنهنجي دليءَ پوت، تنهنجي ڏري راءِ ڏياچ کي.
دهليءَ تائين پکي جو هجڻ ۽ راءِ ڏياچ کي ڏريءَ جو پهچڻ، اهو ايتري عوامي رعيت ۽ طاقت ڏانهن اشارو ڪري ٿو. حمل جي باري ۾ هي شعر به سندس علائقي ۾ مشهور آهي ته:
ڇڇ مڙوئي ڇوريون، ماڃر مس نه ڪوءِ
ريءَ حمر هيڪڙي، جت مڙوئي جوءِ
اڃا آريسر هوءِجو ٿڪين ٿر ٿئي.