حمل خان جت بلوچ

حمل خان جت بلوچ: هن بزرگ کي عام طرح سان ’حمر‘ جي نالي سان ڪوٺيو ويندو آهي. ’حمر‘ ۽ ’راڌو‘ ٻئي ’ميري منڊي ملڪاڻي ڪلمتي‘ جا پٽ هئا. حمر وڏو سخي مرد هو، سندس سخاوت تان هي پهاڪو ٺهيو تہ: ”جت حمر، تن ڪهڙو کڻبو ثمر“ حمر پٽيهل جي الهندي پاسي رهندو هو، جتي سندس سرداري قائم هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ ۾لکي ٿو تہ: ”لاڙ جي جتن بلوچن جي سرواڻن مان حمر ۽ راڌو ٻئي ڀائر هئا، حمر وڏو سخي هو، جو منزل کڻڻ وقت بہ گوشت پڪل ۽ مانيون چلهن تي ڇڏي ويندو هو تہ من ڪو ڪمهلو مهمان اچي کائي، تڏهن پهاڪو مشھور ٿيو تہ: ”حمر تہ ڪهڙو ثمر“ حمر جو پٽ ميراڻ بہ سخي هو، جنهن لاءِ مشھور ٿيو تہ:
درباني در کول تہ پسان منهن ميراڻ جو،
اسين گهرنداسين لک تہ هو ڏيندو ڪروڙ،
جت تنهين سين جوڙ، جو گجي ٿو گرنار ۾.
رڙيءَ جي مقام وٽ حمر جي نسبت سان هڪ واھہ بہ مشھور هو، جنهن کي ’حمراھہ‘ (حمر جو واھہ) چيو ويندو هو. حمر جي باري ۾
’مقالات الشعراءَ‘ جو مصنف لکي ٿو تہ: ”حمول پٽ لاکو جت پڻ انهيءَ گروھہ جو دشمن هو، جنهن سندس خلاف پنھنجي هم خيال ماڻهن کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڀڙڪائڻ شروع ڪيو، انهيءَ وچ ۾ انبوھہ ماڻهن جا فقيري اختيار ڪري، زماني جي ڏاڍاين سبب امان حاصل ڪرڻ خاطر صوفي شاھہ عنايت وٽ اچي گڏ ٿيا. حبيب رشدي
’ديوان محسن‘ جي مقدمي ۾ حمل جت جو احوال ڏيندي لکيو آهي تہ: ”حمل بن لاکي جت جو خاندان هن علائقي ۾ وڏو امتياز رکندو هو. جنهن جو هڪ هيٺيون تاريخي سبب آهي. شاھجھان پنھنجي زماني ۾ پنھنجي پيءُ جھانگير سان بغاوت ڪئي هئي ۽ سندس وفات کان ڪجهه وقت پهريان اهو ارادو ڪيو هو تہ سنڌ جي رستي سان ايران هليو وڃي ۽ اتان فوجي مدد حاصل ڪري، هنسدتان تي حملو ڪري هو ٺٽي پهتو. انهيءَ زماني ۾ جھانگير ٺٽي جو علائقو پنھنجي ننڍي شھزادي شھريار کي جاگير جي طور تي ڏنو هو. شھزادي شھريار پاران شريف الملڪ (جنهن کي مؤرخ شرير الملڪ پڻ لکن ٿا) ٺٽي جو صوبيدار هو، شريف الملڪ شاھجھان سان سخت بدتميزي ڪئي، کيس ٺٽي جي قلعي ۾ داخل ٿيڻ نہ ڏنو ۽ ٺٽي جي قلعي مان شھزادي جي ڇانوڻيءَ تي گولا باري ڪيائين.“ مؤرخن جي بيان مطابق اهڙي نازڪ دور ۾ حمر بن لاکي جي پڙ ڏاڏي، جنهن جو نالو بہ ’حمر بن لاکو‘ هو. تنهن مغل حڪمران جھانگير جي سندس پٽ شاھجھان خلاف جنگ ۾ شاھجھان جي وڏي مدد ۽ خدمت ڪئي هئي. شاھجھان جڏهن بادشاھہ ٿيو تہ حمل جت جي انهيءَ احسان جي عيوض مٿس گهڻو مهربان رهيو ۽ هن جو اعزاز ۽ افتخار گهڻو بلند ڪري ڇڏيائين. پنھنجي انهيءَ بلند اعزاز جي ڪري حمل جت جو خاندان مقامي صوبيدارن توڙي حاڪمن کي اک ۾ ئي نہ آڻيندو هو.
ڪتاب ’مختصر تاريخ گولاڙچي‘ جي مصنف حافظ محمد رمضان مهيريءَ صفحي 80 تي لکيو آهي تہ: ”صوفي شاھہ عنايت جي شهادت ۾ حمل جت جو بہ هٿ هو.“ حمل جي طاقت جو اندازو هن شعر مان لڳائي سگهجي ٿو تہ:
ڪي تو حمل، ڪي تون هوت، ڪي تون آريءَ اڳيون
پکو تنھنجي دليءَ پوت، تنھنجي ڏري راءِ ڏياچ کي.
دهليءَ تائين پکي جو هجڻ ۽ راءِ ڏياچ کي ڏريءَ جو پهچڻ، اهو ايتري عوامي رعيت ۽ طاقت ڏانهن اشارو ڪري ٿو. حمل جي باري ۾ هي شعر بہ سندس علائقي ۾ مشھور آهي تہ:
ڇڇ مڙوئي ڇوريون، ماڃر مس نہ ڪوءِ
ريءَ حمر هيڪڙي، جت مڙوئي جوءِ
اڃا آريسر هوءِجو ٿڪين ٿر ٿئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو