حمل فقير لغاري لائبرري: حمل فقير لغاري اعليٰ پايي جي شاعر هئڻ سان گڏ علمي ۽ ادبي ڪتابن سان چاھہ رکندڙ عالم شخص هو. حمل فقير مڪتب ۾ فارسي پڙهائيندو هو. ان ڪري وٽس پارسي ادب ۽ نصاب جي ڪتابن سان گڏ شيخ سعدي، جامي، حافظ ۽ رومي جي مثنوين جا ڪتاب موجود هئا. حمل فقير وٽ فارسي علم۽ ادب جي ڪتابن تي مشتمل سٺي لائبرري هئي. اڳتي هلي سندس خاندان ۾ اهو علمي چاھہ پيدا نہ ٿيو، ان ڪري اها ضخيم لائبرري بي ڌيانيءَ جي ور چڙهي وئي.