حمل فقير 1

حمل فقير 1

حمل فقير 1

حمل فقير 1: ناليواري صوفي شاعر، بزرگ حمل خان معروف ’حمل فقير‘ ولد رحيم داد لغاري 1815ع ڌاري خيرپور رياست ۾ جنم ورتو. هيءُ سنڌ جو نامور عوامي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس وڏا اصل ۾ پنجاب جي شهر ديري غازي خان جا رهواسي هئا. حمل فقير ڪافي ۽ بيت جو تمام وڏو شاعر هو. سندس ڪلام سنڌي ۽ سرائيڪي زبانن ۾ چيل آهي. حمل فقير هڪ فطري شاعر هو، کيس قدرت طرفان ڏات مليل هئي، جنهنڪري موقعي جي مناسبت سان ٺهه پهه شعر چئي سگهندو هو. سندس شاعريءَ ۾ رواني غضب جي آهي. هن کي جوانيءَ ۾ عشق جي چوٽ به لڳي، جنهنڪري سندس شاعريءَ ۾ عشق ۽ حُسن جو ذڪر دلگذار انداز ۾ ملي ٿو.
حمل فقير جي شاعريءَ ۾ ڏيهي حاڪمن ۽ سندن ڪاردارن جي ڏاڍاين جو به ذڪر موجود آهي، جنهن موجب ڏيهي ماڻهن جو داد فرياد نٿو ٿئي. استحصالي طبقو غريب عوام کي لُٽي رهيو آهي. حمل فقير انهن معاشرتي براين جي نشاندهي تنقيدي انداز ۾ هن ريت ڪئي آهي:
ڪير ڪنهن جو فرياد سُڻي ۽ ڪير ڪنهن جو داد ڪري.
جت سوار ڏنگو، سالار ڏنگو، دستار ڏنگي، تلوار ڏنگي،
ڪيئن اچي ڪم راس تنهن جاءِ، سمجهه سخن، ڪر هوش حمل!
ڪوٽار ڏنگو، ڪمدار ڏنگو، مختيار ڏنگو، سرڪار ڏنگي.
سندس ڪلام هر عام ۽ خاص ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي ترجماني آهي. موقعاتي ۽ في البديهه شعر چوڻ ۾ ڪمال رکندو هو. سندس شاعري عوامي جذبن ۽ احساسن جو آئينو آهي. آخري عمر ۾ مداحون، معجزا ۽ مناقبا به چيائين. سندس ڪلام ‘ڪليات حمل’ جي نالي سان سنڌ جي نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ترتيب ڏئي سنڌي ادبي بورد پاران ڇپرايو آهي، جنهن جا هن وقت تائين ڪيترائي ڇاپا پڌرا ٿي چڪا آهن. حمل فقير پنهنجي عمر جو آخري حصو سڪرنڊ جي ڀرسان ڳوٺ محمود لغاريءَ ۾ گذاريو، جتي هو هڪ ڪنڊيءَ جي هيٺان مڪتب هلائيندو ۽ ٻارن کي پڙهائيندو هو. اتي ئي 1878ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو