حمل ڍنڍ: منڇر ڍنڍ کانپوءِ سنڌ ۾ ايراضيءَ جي لحاظ کان هيءَ ٻيو نمبر وڏي ڍنڍ آهي، جيڪا دادو لاڙڪاڻي ۽ قنبر شھدادڪوٽ ضلعن ۾ ورهايل آهي. سنڌ ايريگيشن ايندڙ ڊرينيج اٿارٽي سنڌ مطابق هن ڍنڍ جي ڊيگهہ 25 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 10 ڪلو ميٽر آهي هيءَ ڍنڍ بڊام، ڪاڇڙي (ڪڇڙي) ۽ ساروھہ تي مشتمل آهي. ٻوڏ جي صورتحال ۾ هن ڍنڍ جي پکيڙ ۽ دائرو شهدادڪوٽ، وارھہ، قمبر ۽ دادو ضلعن جي علائقن فريدآباد ۽ ڪاڇي تائين وڌي وڃي ٿو. کيرٿر جبل جي هنج ۾ صدين کان موجود هيءَ ڍنڍ پڻ انساني آباديءَ جو مسڪن رهي آهي. اصل ۾ هيءَ ڍنڍ بہ منڇر وانگر هڪ Natural Depression ڍنڍ آهي، پر 1932ع ۾ ايف پي بند جي تعمير ٿيڻ کانپوءِ باقاعدي ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪيائين، جنهن کي برساتن ۾ کيرٿر جابلو سلسلي مان وهي ايندڙ نيون ڀرين ٿيون. ان کانسواءِ بہ ڍنڍ ۾ پاڻيءَ ڀرجڻ جا ٻيا ذريعا آهن، جن ۾ بلوچستان صوبي جي هيرالدين ڊرينيج اسڪيم جو کارو ۽ گندو پاڻي ۽ لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن جو سم وارو پاڻي اچي وڃي ٿو. ان ڪري ڍنڍ ۾ انساني آباديءَ سان گڏ نباتات تي بہ هاڃيڪار اثر پيا آهن. حمل ڍنڍ ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 10.08 ايم. اي. ايف آهي. ڍنڍ اندر ڪناري سان آباد انساني آبادي پنجن هزارن جي لڳ ڀڳ ٿيندي، جنهن جو گذر سفر ڍنڍ ۾ پيدا ٿيندڙ مڇي، موسمي پکين ۽ ڍنڍ ۾ موجود ٻي پيداوار آهي. حمل ڍنڍ پنھنجي پکيڙ، جاگرافي بيهڪ ۽ سونهن سبب سنڌ جو اثاثو ۽ املھہ خزانو آهي، جيڪا فطرتي حسناڪيءَ کي ورهين کان سانڍيندي پئي اچي. حمل ڍنڍ جي اولھہ ۾ کيرٿر جابلو سلسلي، شاھہ گودڙيي جي مزار، اوڀر ۾ ايف پي بند ۽ ميهڙ شھر آهن، اتر اولھہ ۾ وارھہ غيبي ديرو ۽ ڏکڻ ۾ فريد آباد ۽ ڪاڇي جو ميداني علائقو آهي.ڍنڍ تي نالي پوڻ جو سبب: ڍنڍ تي حمل جي نالو پوڻ جي حوالي سان ڪيتريون ڳالهيون ۽ قصا مشھور آهن، جن مان هڪ هي بہ آهي تہ جڏهن سنڌ جو والي سمو حاڪم ڄام نظام الدين هو تہ هن سنڌ جي عظيم انسان دولھہ دريا خان کي وزيراعظم مقرر ڪيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ تي اتر کان خاص ڪري قنڌار کان افغانن/ پٺاڻن/ ارغونن جا حملا ٿيندا هئا ۽ حملي آور لشڪر سنڌ ۾ اچي ڦُرلٽ ڪندا هئا. اهڙن حملن ۽ ڦرلٽ کي روڪڻ ۽ سنڌ جي تشخص کي برقرار رکڻ لاءِ دولھہ درياھہ خان حمل ڍنڍ واري علائقي يعني چانڊڪا پرڳڻي کي سيال خان چانڊيي ۽ ان جي 40 ساٿين جي حوالي ڪيو، جن مان هڪ شخص حمل چانڊيي (پاڙو مرزاڻي) کي سندس ڪٽنب سميت ڍنڍ واري علائقي ۾ آباد ڪيو ويو. حمل خان اتي پنهنجو ڳوٺ ٻَڌو ۽ اهڙيءَ ريت حمل ڳوٺ جي ڪري هن ڍنڍ تي حمل نالو پئجي ويو. هڪ ٻي روايت ۾ آهي تہ حمل خان درويش صفت، سادو ماڻهو ۽ شاهوڪار شخص هو. هن ڍنڍ جي اولھہ طرف کيرٿر واري پاسي پنھنجي نالي ’حمل‘ سان ڳوٺ وسايو. اهو ڳوٺ اڄ بہ ڍنڍ جي الهندي ڪناري تي کيرٿر جبل جي پاڙ ۾ موجود آهي ۽ هن ڳوٺ کان ڇھن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سنڌ جي مشھور اولياءَ شاھہ گودڙيي جي مزار آهي.