
حمورابي
حمورابي (Hammurabi): بابل جو بادشاھہ ۽ تاريخ جو عظيم قانونساز حمورابي، بابل جي پهرئين شاهي گهراڻي جو ڇهون نمبر بادشاھہ ٿي گذريو آهي. هيءُ 1792 ق. م ۾ تخت تي ويٺو. سندس والد سن مبالٽ (SinMuballit) کان پوءِ هو بابل جو بادشاھہ بڻيو ۽ ڪجهہ ويجهين رياستن تي فتحون حاصل ڪيائين ۽ پنھنجي شهنشاهت کي ميسوپوٽيما تائين وڌايائين. حمورابي تاريخ ۾ اعليٰ قانونساز طور سڃاتو وڃي ٿو. حمورابيءَ جا قانون 1901ع ڌاري دريافت ٿيا. حمورابيءَ کان اڳ جيڪي بادشاھہ آيا، انهن جي ڌيان جو مرڪز صرف مرڪزي ميسوپوٽيما رهيو، پر هـن پـنـهـنـجي حڪومت دوران بورسپا (Borsippa)، ڪش (Kish) ۽ سپار (Sippar) نالي ڪجهہ شھري رياستون فتح ڪيون. حمورابيءَ جي حڪومت جا ڪجهہ سال ڪنهن حد تائين امن وارا گذريا. هن پنھنجي حڪومت دوران ڪيترا عام ڀلائيءَ جا ڪم بہ ڪيا. شھري دفاع جي لاءِ ڀتيون ۽ ڪيترائي مندر بہ ٺهرايائين. حمورابيءَ ڪيترين جنگين ۾ حصو ورتو. هن پنھنجي اقتدار دوران ڏاکڻين علائقن طرف وڌيڪ ڌيان ڏنو، جنهنڪري اترين علائقن ۾ هن جي فوجين جي غير موجودگيءَ جي ڪري افراتفري پکڙجي وئي. جنهن خلاف هن لشڪر ڪشي ڪئي، جنهن ۾ اتر وارن اتحادين سندس مدد ڪـئي. اهـڙيءَ ريـت پنهـنجي اتريـن اتحادين جي سهڪار سان هن اشنوما (Eshnuma) جي بغاوت کي ٻنجو ڏئي پنھنجي شهنشاهيت کي وڌايو ۽ ڪجهہ سالن ۾ ميسوپوٽيميا کي پنھنجي حڪومت جي حدن اندر آڻي ڇڏيائين. حمورابيءَ جا قانون (Code of Hammurabi) پٿر جي ٺهيل هڪ يادگار تي اَٺن ميٽرن جي بلنديءَ تي لکيل آهن. هن جي زماني ۾ انهن قانونن وارن پٿرن کي عام جڳهين تي رکيو ويو تہ جيئن هر عام توڙي خاص انهن کي آسانيءَ ســان پـڙهـي سگهي. حمورابيءَ جي قانون وارو اهو يادگار 1901ع ۾ دريافت ٿـيـو ۽ هـن وقـت فـرانـس جي شـهـر پـئـرس جـي لـئووري عجائب گـهــر (Louvre Museum) ۾ رکــيــل آهــي. حــمــورابــيءَ جــو قــانــون (Code of Hammurabi) 2882 شــقــن تــي مــشــتــمــل ۽ عڪادي ٻوليءَ (Akkadian Language) ۾ لکيل آهي. بابل جي هن بادشاھہ حمورابيءَ 1750 ق.م ۾ وفات ڪئي، جنهن بعد شهنشاهيت جون واڳون سندس پٽ Samsu-Iluna جي هٿ ۾ آيون.