عبدالحميد ابڙو

عبدالحميد ابڙو

حميد ابڙو

حميد ابڙو: هن ليکڪ جو نالو عبدالحميد ابڙو آهي، 2 اپريل 1973ع تي ٺل تعلقي جي ڳوٺ حاجي شاهنواز ڏيٿي ۾ علي محمد ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتائين. پرائمري تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان، انٽر ۽ گريجوئيشن سچل سرمست ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ايم اي اڪانامڪس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. حميد ابڙي 1992ع کان اخبارن ۽ رسالن ۾ پروف ريڊر، ڪمپوزر ۽ سب ايڊيٽر طور ڪم شروع ڪيو جنهن دوران سندس ادب ڏانهن دلچسپي وڌي ۽روزاني عبرت، خادم وطن، عبرت مئگزين، ماهوار هزار داستان، سنڌ رنگ ڊائجسٽ ۽ هفتيوار سنڌو ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ مضمون ڇپجندا رهيا. حميد ابڙي ڪهاڻين ۾ سماجي قدرن، ديس واسين سان محبت ۽ غريب طبقي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي. کيس سندس ٽي وي ڊرامي ”درياھہ جو درد“ تي 2004ع ۾ بھترين ڊرامه رائيٽر جو اوارڊ ڏنو ويو. ان کانسواءِ 2009ع ۾ انيس انصاري اڪيڊمي پاران سندس ڪهاڻي ”مٽي“ تي اوارڊ ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.04.02  عيسوي

عبدالحميد ابڙو 2 اپريل 1973ع تي ٺل تعلقي جي ڳوٺ حاجي شاهنواز ڏيٿي ۾ ڄائو



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمس الدين شمسي
حميد سنڌي
طارق اشرف
پوپٽي هيراننداڻي
نذير احمد چنا
چانڊيو منير2
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي
سانول جمالي
آسانند مامتورا
گرڌاري لال ڏوڏيجا
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون