حميد شيخ: حميد شيخ ولد قاضي عبدالله سنڌي درٻيلي، ضلعي نوشهري فيروز جو رهاڪو هو. هن جو ذڪر تاريخ معصومي ۾ آيو آهي تہ قاضي عبدالله ارغوني ظلمن کان تنگ ٿي احمد آباد (گجرات) لڏي ويو. شيخ حميد ۽ شيخ رحمت ﷲ سندس پٽ هئا، جي پڻ والد (قاضي عبدالله) سان گڏ گجرات لڏي آيا هئا. ڪجهہ وقت کانپوءِ قاضي عبدالله ۽ شيخ رحمت ﷲ حرمين شريفين لڏي ويا. هتي رهندي ديني ۽ علمي خدمت ۾ زندگي پوري ڪيائون. البت شيخ حميد پوءِ بہ گهڻو عرصو احمد آباد ۾ مقيم رهيو. اڪبر جي لشڪر گجرات فتح ڪئي تہ مير معصوم بکري بہ ان فوج ۾ شامل هو، بعد ۾ شيخ حميد کان مير معصوم حديث جا ڪتاب پڙهي علم جي تڪميل ڪئي. مير صاحب ’تاريخ معصوميءَ‘ ۾ حميد شيخ جي گهڻي تعريف ڪئي آهي. بعد ۾ شيخ حميد بہ والد جي پيروي ڪندي حرمين هليو ويو. باقي زندگي درس ۽ تدريس ۾ سفر ڪري اتي ئي وفات ڪيائين.