حميره چنا

حميره چنا

حميره چنا

حميره چنا: مشھور گلوڪاره حميرا چنا 22 جون 1970ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. حميرا جي والدہ لڪي ناز بہ پنھنجي دور جي معروف ڳائڻي ٿي گذري آهي. حميرا چنا راڳ جي بنيادي سکيا استاد بشير احمد خان ۽ موسيقار نثار بزميءَ کان ورتي. سندس شمار ملڪ جي مقبول فنڪارن ۾ ٿئي ٿو، سندس سي ڊين جا ڪيترا البم ۽ وڏي تعداد ۾ آڊيو ڪئسٽون رليز ٿيل آهن. حميرا چنا کي قدرت پاران بھترين آواز جو تحفو مليل آهي، سندس آواز لتا ۽ رونا ليليٰ سان گهڻي قدر مشابهت رکي ٿو. هن سنڌي، اردو، پنجابي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ هزارين گيت، غزل ڳايا آهن . هن سنڌي، اردو ۽ پنجابي فلمن لاءِ بہ گيت ڳايا آهن. ريڊيي ۽ ٽي. وي جي پروگرامن ۾ بہ ڪافي ڪلام ڳايا اٿائين، جيڪي بي حد مقبول ٿيا آهن. حميرا چنا کي پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جي بھترين پلي بئڪ سنگر طور ڪيترا اوارڊ بہ مليا آهن. هيءَ سنڌ ٽي. وي توڙي ٻين سنڌي چئنلن تي ٿيندڙ موسيقيءَ جي مقابلن واري پروگرامن ۾ جج طور بہ شرڪت ڪندي رهي آهي.


لفظ حميره چناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.06.22  عيسوي

مشهور گلوڪاره حميرا چنا 22 جون 1970ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضامن علي
پنڪج اُڌاس
سيد موٽڻ شاھہ
ديبا سحر
استاد مبارڪ علي خان
ٻالڪ سنڌي
خالد حسين پتافي
فائزا علي
سرور سخيراڻي
ذوالفقار علي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون