حنا ۽ عمران


حنا ۽ عمران: هيءُ قرآن پاڪ ۾ بيان ڪيل هڪ قصو آهي، جنهن ۾بيبي مريمعه جي والدين حنا ۽ عمران جو تذڪرو ٿيل آهي. قرآن پاڪ ۾ اچي ٿو تہ حنا ۽ عمران، بني اسرائيل جا رهاڪو هئا. عمران هڪڙو عابد ۽ زاهد شخص هو ۽ سندس زهد، تقويٰ ۽ عبادت جي ڪري نماز جي امامت بہ سندس حوالي هئي ۽ سندس گهر واري حنا بہ نيڪوڪار هئي ۽ پنھنجي نيڪيءَ جي ڪري اهي ٻئي بني اسرائيل ۾ تمام گهڻا مقبول هئا. محمد بن اسحاق ’مغازي‘ جي ليکڪ عمران جو حسب نامو هن ريت بيان ڪيو آهي. عمران بن ياشم بن ميثا بن جز قيا بن ابراهيم بن عزريا بن ناوش بن اجربن يھو بن نازم بن مقاسط بن ايشا بن اياز بن رحيم (رخيعان) بن سيلمان بن دائود عه عمران حضرت سليمانؑ جي اولاد مان هو ۽ حنا فاقوذ بن قبيل بہ دائود جي نسل مان هئي. عمران کي اولاد ڪو نہ هو. سندس زال حنا خواهشمند هئي تہ کيس اولاد ٿئي. هو انهيءَ لاءِ تعاليٰ جي درٻار ۾ دعا گهرندي هئي ۽ دعا جي قبوليت لاءِ هر وقت انتظار ڪندر رهندي هئي. هڪ دفعي حنا پنھنجي گهر جي اڱڻ ۾ گهمي رهي هئي تہ ڏٺائين تہ هڪڙو پکي پنھنجي ٻچي سان کيڏي رهيو هو. حنا جي درٻار ۾ دعا لاءِ هٿ کنيا ۽ عرض ڪيو، ’اي پروردگار ! اهڙيءَ طرح مون کي بہ اولاد عطا فرماءِ تہ جيئن اهو اسان جي اکين جو نور ۽ دل جو سرور بڻجي‘ دل مان نڪتل دعا قبوليت حاصل ڪئي ۽ حنا ڪجهہ ڏينهن کانپوءِ محسوس ڪيو تہ هوءَ حمل سان آهي. حنا انهي احساس مان ايتري تہ خوش ٿي، جو هن نيت ڪئي تہ جيڪو ٻار ڄمندو ان کي مسجد اقصيٰ جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيندي.
قرآن مجيد انهيءَ واقعي کي هن ريت بيان ڪيو آهي. ’بيشڪ آدم عه، نوح عه ۽ ابراهيم عه جي اولاد ۽ عمران جي اولاد کي جھان وارن لاءِ پسند ڪيو. هڪڙا انهن مان ٻين جو اولاد آهن ۽ ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. جڏهن عمران جي زال چيو ته، ’اي منهنجا پاليندڙ جيڪي منهنجي پيٽ ۾ آهي سو تنھنجي راھہ ۾ آزاد آهي پوءِ مون کان قبول ڪر، بيشڪ تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين‘. پوءِ جڏهن اها ٻارڙي ڄائي، تڏهن چيائين تہ: اي منهنجا پاليندڙ مون اها ڌيءَ ڄڻي آهي ۽ جيڪي هن ڄڻيو، تنهن کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي ۽ پٽ ڌيءَ جهڙو نہ آهي ۽ بيشڪ مون ان جو نالو ’مريم‘ رکيو آهي ۽ بيشڪ آءٌ ان کي ۽ ان جي اولاد کي تڙيل شيطان کان تنھنجي پناھہ ۾ ڏيان ٿي. ان کان پوءِ حنا رضہ بيبي مريم کي پالڻ لاءِ حضرت زڪرياعه جي سپرد ڪيو. (حوالو: سورت آلِ عمران 33-37 ڪتاب: قصص القرآن).


لفظ حنا ۽ عمرانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو