حنا ۽ عمران: هيءُ قرآن پاڪ ۾ بيان ڪيل هڪ قصو آهي، جنهن ۾بيبي مريمعه جي والدين حنا ۽ عمران جو تذڪرو ٿيل آهي. قرآن پاڪ ۾ اچي ٿو ته حنا ۽ عمران، بني اسرائيل جا رهاڪو هئا. عمران هڪڙو عابد ۽ زاهد شخص هو ۽ سندس زهد، تقويٰ ۽ عبادت جي ڪري نماز جي امامت به سندس حوالي هئي ۽ سندس گهر واري حنا به نيڪوڪار هئي ۽ پنهنجي نيڪيءَ جي ڪري اهي ٻئي بني اسرائيل ۾ تمام گهڻا مقبول هئا. محمد بن اسحاق ’مغازي‘ جي ليکڪ عمران جو حسب نامو هن ريت بيان ڪيو آهي. عمران بن ياشم بن ميثا بن جز قيا بن ابراهيم بن عزريا بن ناوش بن اجربن يهو بن نازم بن مقاسط بن ايشا بن اياز بن رحيم (رخيعان) بن سيلمان بن دائود عه عمران حضرت سليمانؑ جي اولاد مان هو ۽ حنا فاقوذ بن قبيل به دائود جي نسل مان هئي. عمران کي اولاد ڪو نه هو. سندس زال حنا خواهشمند هئي ته کيس اولاد ٿئي. هو انهيءَ لاءِ الله تعاليٰ جي درٻار ۾ دعا گهرندي هئي ۽ دعا جي قبوليت لاءِ هر وقت انتظار ڪندر رهندي هئي. هڪ دفعي حنا پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ گهمي رهي هئي ته ڏٺائين ته هڪڙو پکي پنهنجي ٻچي سان کيڏي رهيو هو. حنا الله جي درٻار ۾ دعا لاءِ هٿ کنيا ۽ عرض ڪيو، ’اي پروردگار ! اهڙيءَ طرح مون کي به اولاد عطا فرماءِ ته جيئن اهو اسان جي اکين جو نور ۽ دل جو سرور بڻجي‘ دل مان نڪتل دعا قبوليت حاصل ڪئي ۽ حنا ڪجهه ڏينهن کانپوءِ محسوس ڪيو ته هوءَ حمل سان آهي. حنا انهي احساس مان ايتري ته خوش ٿي، جو هن نيت ڪئي ته جيڪو ٻار ڄمندو ان کي مسجد اقصيٰ جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيندي.
قرآن مجيد انهيءَ واقعي کي هن ريت بيان ڪيو آهي. ’بيشڪ الله آدم عه، نوح عه ۽ ابراهيم عه جي اولاد ۽ عمران جي اولاد کي جهان وارن لاءِ پسند ڪيو. هڪڙا انهن مان ٻين جو اولاد آهن ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. جڏهن عمران جي زال چيو ته، ’اي منهنجا پاليندڙ جيڪي منهنجي پيٽ ۾ آهي سو تنهنجي راهه ۾ آزاد آهي پوءِ مون کان قبول ڪر، بيشڪ تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين‘. پوءِ جڏهن اها ٻارڙي ڄائي، تڏهن چيائين ته: اي منهنجا پاليندڙ مون اها ڌيءَ ڄڻي آهي ۽ جيڪي هن ڄڻيو، تنهن کي الله گهڻو ڄاڻندڙ آهي ۽ پٽ ڌيءَ جهڙو نه آهي ۽ بيشڪ مون ان جو نالو ’مريم‘ رکيو آهي ۽ بيشڪ آءٌ ان کي ۽ ان جي اولاد کي تڙيل شيطان کان تنهنجي پناهه ۾ ڏيان ٿي. ان کان پوءِ حنا رضه بيبي مريم کي پالڻ لاءِ حضرت زڪرياعه جي سپرد ڪيو. (حوالو: سورت آلِ عمران 33-37 ڪتاب: قصص القرآن).