حنس

حنس (Cuscus grass) : هيءُ هڪ قسم جو گاھہ آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ وارون، سنسڪرت ۾ اپايا، هنديءَ ۾ بالا، گجراتيءَ ۾ والو ۽ بنگالي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ حنس چيو وڃي ٿو. هن گاھہ جي پاڙ خوشبودار ٿيندي آهي. هن گاھہ جون ڊگهيون پاڙون وارن وانگر سنهيون ٿينديون آهن. هيءُ گاھہ ننڍي کنڊ سميت ويسٽ انڊيز ۽ برازيل ۾ بہ ٿئي ٿو. هيءُ گاھہ خاص طور ملتان ۾ عام جام ٿئي ٿو. حڪيمن موجب هن گاھہ جي پاڙ سرد مقوي معده ترياق، حبس ۽ بدن جي سڙڻ لاءِ مفيد آهي. جڏهن تہ صفراوي بخار، مٿي جي سور ۽ رت جي بيمارين لاءِ بہ فائديمند آهي.


لفظ حنسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو