حوا

حوا: حضرت آدم عليہ السلام جي گهرواري، جيڪا بھشت ۾ حضرت آدم عليہ السلام جي پاسراٽيءَ مان پيدا ڪئي وئي. عالمن جو خيال آهي تہ تعاليٰ حوا کي پيدا ڪرڻ جو هي طريقو انهي ڪري اختيار ڪيو تہ جيئن دنيا ۾ ازدواجي زندگيءَ ۾ خوشگواري ۽ هم آهنگي پيدا ٿئي، سندس نالو حوا انهي ڪري رکيو ويو جو کين هڪ زندھہ هستيءَ مان پيدا ڪيو ويو هو. ابن عباس جو خيال آهي تہ ان کي حوا انهيءَ ڪري چيو ويو جو هوءَ هر بشر جي ماءُ آهي. قرآن پاڪ ۾ سندن قصي متعلق اچي ٿو تہ: تعاليٰ حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي جنت ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو، پر کين هڪ وڻ جي ويجهو وڃڻ کان منع ڪئي ويئي. شيطان کين برغلائي ’شجرِ ممنوع‘ جو ميوو کائڻ تي آمادہ ڪيو. هنن ميوو کاڌو ۽ کين پنھنجي اوگهڙ جو احساس ٿيڻ لڳو، تڏهن هو جنت جي وڻن جي پنن سان پنهنجو جسم ڍڪڻ لڳا. ان کان پوءِ تعاليٰ آدم عليہ السلام ۽ بيبي حوا عليها السلام کي زمين تي موڪلي ڇڏيو. ابن سعد جي روايت موجب: حضرت آدمؑ هندستان (ان وقت هنڌ ۽ سنڌ ٻئي ملڪ هندستان سڏبا هئا.) جي سرزمين تي لٿو ۽ بيبي حوا جدي ۾ لٿي. ٻنهي جي ملاقات مزدلفه ۾ ٿي. بيبي حوا حضرت آدم عليہ السّلام جي فوت ٿيڻ بعد ٻہ سئو سالن کان پوءِ وفات ڪري وئي ۽ حضرت آدم عليہ السّلام جي ڀر ۾ ئي دفن ٿي. دنيا جا انسان سندن اولاد آهن. (حوالو: شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا ص 883).


لفظ حواھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو