حواري (حضرت عيسيٰ عه جا ساٿي): حضرت عيسيٰ عليه السّلام دشمنن جي مخالفتن باوجود حق جي فرض ۾ مصروف رهندو هو. ڏينهن رات بني اسرائيلن جي ڳوٺن ۽ آبادين ۾ حق جو پيغام ٻڌائيندو ۽ روشن دليلن ۽ معجزن ذريعي ماڻهن کي حق ۽ سچ کي قبول ڪرڻ لاءِ آماده ڪندو هو ۽ الله جي حڪم سان سرڪش ۽ باغين جي انهيءَ ٽولي مان اهڙا چڱا روح به نڪري ايندا هئا، جيڪي حضرت عيسيٰ ؑ جي دعوت تي لبيڪ چئي، سچائيءَ سان حق جي دين کي قبول ڪندا هئا. انهن ئي پاڪ بندن ۾ اهي مقدس هستيون به هيون، جن حضرت عيسيٰ ؑ جي صحبت جو شرف حاصل ڪري نه فقط ايمان آندو، بلڪه حق جي دين جي ڪاميابي ۽ سربلنديءَ لاءِ جان ۽ مال کي تريءَ تي رکي دين جي خدمت لاءِ پاڻ وقف ڪري ڇڏيائون ۽ گھڻو ڪري حضرت عيسيٰعه سان رهي تبليغ ۽ دعوت جو فرض پورو ڪندا رهيا. انهيءَ ئي خاصيت جي ڪري کين ’حواري‘ (ساٿي) سڏيو ويندو هو. سخت ۽ نازڪ حالتن ۾ به انهن حضرت عيسيٰ عليه السلام جو ساٿ ڪونه ڇڏيو ۽ هر طرح سندس معاون ۽ مددگار ثابت ٿيا.
قرآن مجيد ۾ انهن جو ذڪر هن طرح ٿيل آهي:
”۽ جنهن وقت مون حوارين جي دل ۾ وڌو ته مون تي ۽ منهنجي رسول تي ايمان آڻيو، انهن چيو ته اسان ايمان آندو ۽ تون شاهد ٿيءُ ته اسان فرمانبردار آهيون“. (سورة المائده: 111).
سورة الڪهف: 12) ۾ آهي ته:
”اي ايمان وارؤ الله (جي دين) جا مددگار ٿيو، جيئن مريم جي پٽ عيسيٰ پنهنجي ساٿين کي چيو ته الله جي رستي ۾ منهنجا مددگار ڪير آهن؟ ته ساٿين چيو ته اسان الله (جي دين) جا مددگار آهيون پوءِ بني اسرائيلين مان هڪ جماعت ايمان آندو ۽ هڪ جماعت ڪافر ٿي، پوءِ اسان ايمان وارن کي سندن دشمنن تي طاقت ڏني، پوءِ اهي غالب ٿيا.“