حواس

حواس (Sense): شين جي وجود، خاصيتن جي ادراڪ ۽ شعور جي سگهه کي حس/ حواس چئجي ٿو. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته حواس انهن طاقتن کي چئجي ٿو، جيڪي دنيا جي ٻاهرين سببن جي ڀيٽ ۾ دماغ کي هر شيءِ کان آگاهه ڪن ٿيون. انهن حواسن کانسواءِ انسان بيحس آهي. حواسن ذريعي ماڻهو پنهنجي آسپاس جي ماحول جي ڄاڻ دماغي ڏورين ذريعي حاصل ڪري عمل ڪرڻ جا حڪم حاصل ڪري ٿو. سائنسي لحاظ کان ڪل ڏهه حواس آهن، جن تي ماڻهوءَ جي سوچن، عملن ۽ خيالن جو مدار آهي، انهن ڏهن حواسن مان پنج ظاهري حواس ۽ پنج باطني حواس آهن. ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگھڻ، چکڻ ۽ ڇُهڻ جي حِس کي ظاهري حواس چيو ويندو آهي. گڏيل خيالن، وهم، حافظو، خوف ۽ خوشي، باطني حواسن ۾ شامل ٿين ٿا، جڏهن ته ٿڌي ڪوسي ۽ سور محسوس ڪرڻ جا نفيس حواس به شخصي حواس مڃيا وڃن ٿا. ماڻهوءَ جي جسماني ساخت يعني مشڪن ۽ سنڌن ۾ اهڙا حواس موجود آهن، جيڪي بت جي چرپر بابت مغز کي حالتن مطابق، اطلاع ڏيندا رهندا آهن. ٻُڌڻ، سُنگهڻ، چَکڻ ۽ ڇُهڻ جهڙن ظاهري حواسن جو تجربو اک، ڪن، نڪ، زبان ۽ چمڙيءَ جي ذريعي ٿيندو آهي. جسم جي عضون ۽ دماغ جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق آهي. انهن جو پاڻ ۾ لاڳاپو ختم ٿي وڃي ته ڪابه حس پيدا ٿي نه سگهندي. سائنس موجب حِس کانسواءِ ڪنهن به شخص ۾ شعور جو سرجڻ ناممڪن آهي. ڪائنات ۾ مختلف فطري منظر، رنگ، ذائقا، جسماني چرپر، انساني عمل، رويا وغيره حواسن جي وسعت کي جنم ڏين ٿا. نامياري نفسيات دان پلسبري جي چوڻ مطابق عضون جي حواس جي ڪري، اسين حرڪت (Motion)، توانائي (Energy) ۽ مادي جي وزن (Mass) جھڙن بنيادي طبعي خاصيتن کان آگاهه ٿيون ٿا. ظاهري حواسن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(1) ڏسڻ جو حواس: ڏسڻ جي حواِس جو تعلق اک سان آهي. اک جي تنتي پردي تي ابتي عڪس پوڻ سان ماڻهو پنهنجي سامهون پيل شين جي تصوير ڏسي سگهي ٿو. اک ۾ موجود هڪ خاص قسم جي بلور ذريعي ڪائنات جي مختلف شين کي ڏسي ۽ پرک ڪرڻ سان انهن جي حقيقي تصوير ڪشي ڪري سگهبي آهي. ڏسڻ جي حواس کي ماڻهوءَ لاءِ خاص طور ۽ هر جاندار لاءِ عام طور بنيادي حيثيت حاصل آهي. ڏسڻ جي حواس سان زندگي جون سڀئي خوبصورتيون واڳيل آهن. ماڻهوءَ جي اک ۾ 390 کان 760 ايڪن واريون لهرون رنگن جا احساس پيدا ڪنديون آهن، جن ذريعي هر قسم جا رنگ ڏسي دماغي ڏوريون انهن جا عڪس ٺاهين ٿيون. اک کي، کٻي، سڄي پاسي چرپر ڪرائڻ لاءِ خاص قسم جون مشڪون لڳل هونديون آهن، جيڪي مليل معلومات، تصوير کي دماغي ڏورين ذريعي ٻين حواسن پيدا ڪرڻ لاءِ اهم محرڪ جو ڪم ڏينديون آهن. نفسياتي ماهرن جي نظر ۾ اک فقط ڏسڻ واري حس کان علاوه اندر جا حال احوال ڏيڻ ۽ وٺڻ جو پڻ ذريعو آهي. جنهن ذريعي مخصوص انداز مطابق ڏسڻ، گهورڻ، دهشت، تعجب، نراسائي، نماڻائي، مسرت، مڪاري، عياري، ڏوهه، ثواب وغيره جهڙيون ڪيفيتون سمجهي سگهبيون آهن.
(2) ٻڌڻ جو حواس: ٻڌڻ جي حواس جو عضوو ڪن آهي، جيڪو هر طرح جا آواز خاص قسم جي لهرن ذريعي جهٽي دماغ تائين رسائيندو آهي. ڪن ڪنهن به ڊگهي يا ڇوٽي آواز کي بي سرو يا وزن کان ٻاهر ڄاڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. سائنسي علم مطابق آواز جي ايڪي کي تنوار چيو ويندو آهي ۽ هر انسان ۾ هڪ سيڪنڊ اندر 20 تنوارون ٻڌي سگهڻ جي سگهه موجود هوندي آهي. ٻڌڻ جي حواس کي ڪنهن به جاندار جي حياتيءَ ۾ بنياد حيثيت حاصل هجي ٿي، جنهن سان آسپاس جي ماحول کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي. آوازي لهرون 700 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪنديون آهن. آواز انساني اظهار جو اهڙو ذريعو آهي، جنهن سان هو پنهنجي هم نفسن سان رابطي ۾ رهي ٿو. انسان کان علاوه ڪائنات ۾ موجود ٻين ڪيترن ئي جيوتن جي عمل جو دارومدار ٻڌڻ رتي انحصار رکندو آهي. ڪائناتي سرشتي ۾ آواز ئي آهي جنهن ذريعي ٻولين جو وجود پيو، لکت جا نمونا ٺهيا، انساني گروهن گڏيل سماج جي صورت اختيار ڪئي ۽ جديد کان جديد تر ڏانهن سفر جاري رکيو. ننڍي عمر جي ٻار ۾ ٻڌڻ جي سگهه وڏن کان وڌيڪ ٿيندي آهي. فطري اصول موجب ٻڌڻ جي سگهه عمر جي وڌندڙ نسبت سان گهٽبي ويندي آهي. سائنسي تحقيق موجب انسانن ۾ 25 سالن جي عمر کان پوءِ ٻڌڻ جي حِس ۾ جيئن پوءِ تيئن گهٽتائي ايندي ويندي آهي.
(3) سنگهڻ جو حواس: ڪنهن به قسم جي خوشبو توڙي بدبوءِ کي محسوس ڪرڻ واري حس کي سنگهڻ جو حواس چئبو آهي. هيءَ حِس مٿين ٻنهي حِسن جي ڀيٽ ۾ يادگيريءَ جي لحاظ کان وڌيڪ پختي هوندي آهي. اڪثر شيون ڏسڻ ۽ ٻڌڻ بجاءِ سنگهڻ واري حِس سان به پرکي سگهبيون آهن. سنگهڻ جي حِس جو اهم عضوو نڪ آهي، جيڪو حافظي جي حِس کي اهڙو ته پختو رکندو آهي، جو ڪڏهن به اهو احساس ميسارجي نه ٿو. پکين ۾ سنگهڻ جي حِس نه هئڻ جي برابر ٿئي ٿي، جڏهن ته چوپايا جانور: ’ڪتو، ڪوئو، گڏهه، جيتن ۾: ڪِوِلي، ماڪوڙي وغيره ۾ لذت ۽ ڪرڀ متعلق سنگهڻ جي حِس تي وڌيڪ دارومدار رکندا آهن. بشريات جي ماهرن موجب آڳاٽي زماني ۾ ماڻهو جڏهن هٿن ۽ پيرن تي هلندو هو تڏهن شين کي پرکڻ جو گهڻو دارومدار نڪ تي رکندو هو. جسماني ساخت جي ارتقا عيوض جڏهن هُن پيرن تي بيهڻ سکي ورتو، تڏهن سنگهڻ بجاءِ اک تي وڌيڪ ڀاڙڻ لڳو. نڪ مان ساهه کڻڻ سبب ماڻهو سنگهڻ ذريعي آبهوائي تبديلين وغيره کي به محسوس ڪري سگهي ٿو. سنگهڻ ذريعي ئي سرهاڻ ۽ فرحت ڏيندڙ شين جي نشاندهي ٿيندي آهي.
(4) چکڻ جو حواس: چکڻ جي حواس کي سواد جي حِس به چئي سگهجي ٿو. هن حِسَ کي پرکڻ جو خاص عضوو زبان آهي، جنهن سان ڪڙي، مٺي، کٽي، ڦڪي، لذيذ، بي لذت، ٿڌي، ڪوسي جي پرک ڪئي وڃي ٿي. چکڻ جو احساس وات ۾ ڪلين، مهارن، ڪاڪڙي، مورڌن وغيره تائين پکڙيل هوندو آهي، جتي ڪنهن به شيءِ جي لڳڻ سان ان جي ذائقي جي خبر پوندي آهي. حياتياتي ماهرن مطابق مڇيءَ ۾ به چکڻ جو حواس هوندو آهي.
(5) ڇهڻ جو حواس: ڇهڻ جو حواس چمڙيءَ سان واسطو رکي ٿي. ڪنهن شيءِ جي ساخت، کهري، لسي، نرم، سخت، ٿڌي، ڪوسي، تيز، ڪمزوري، وغيره کي ڇهڻ سان معلوم ڪري سگهبو آهي. ديني توڙي سماجي اصطلاح ۾ هٿ قادر جي سگهه ۽ انصاف جو مظهر آهي، ڇهڻ جي حس جو ڪنهن به ڪم، تخليق لاءِ هٿ جون آڱريون اهم ترين عضوو آهن. چمڙيءَ کي به شعور آهي. بُت جي اُٿڻ ويهڻ يا ڪنهن به قسم جي چُرپر دوران گوشت ۽ هڏن جي سنڌن مان مغز کي ڇُهڻ جي احساس ۽ بدن جي صورت ۽ بيهڪ جي خبر ملي ٿي، جنهن ذريعي ماڻهوءَ جي جسم ۾ بي ساخته ’تحفظ ڪرڻ واري حِسَ‘ ڪم ڪري ٿي، جيئن ته ننڊ ۾ هوندي خطري جو احساس، مڇر جي چڪ سبب کنهڻ وغيره، هن قسم جي حِس سان وابسته چيا وڃن ٿا. ڇهڻ جو احساس پاڻيءَ وارن جاندارن خاص طور مڇيءَ ۾ به ٿئي ٿو.


لفظ حواسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو