حوت

حوت

حوت

حوت (Pisces): هيءُ هڪ آسماني ستارو آهي، نجوم جي علم مطابق ماڻهوءَ جي ايندڙ حالتن ۽ قسمت جو اندازو هن ستاري ذريعي لڳايو ويندو آهي. ان کي علم نجوم ۾ ’برج حوت‘ چوندا آهن. هن برج جو اثر 19 فيبروري کان 20 مارچ تائين ليکيو ويندو آهي. هن برج جي شڪل مڇيءَ جھڙي هوندي آهي. عربيءَ ۾ مڇي کي ’حوت‘ چيو ويندو آهي, هندي جوتش ۾ ان کي ’مين‘ چوندا آهن. علم نجوم موجب هن برج جي اثر وارن ڏينهن ۾ پيدا ٿيل ماڻهو هميشه تبديلين کي خوشيءَ سان قبول ڪرڻ لاءِ تيار رهندا آهن. اهڙن ماڻهن کي جڏهن به موقعو ملندو آهي ته ان مان ڀرپور فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ انتهائي خوشگوار زندگي گذاريندا آهن.
حور: ڪتاب ’دائره معارف اسلاميه‘ ۾ حور جي لغوي معنيٰ گهڻي حسين ۽ خوبصورت عورت، جنهن کي اک جي سفيدي گهڻي سفيد ۽ تارو بلڪل ڪارو هجي. عربيءَ ۾ هن لفظ جي توضيع ڪندي لکيو ويو آهي ته ”اهي جن کي ڏسڻ سان ڏسندڙ حيران ٿي وڃن“.
قرآن مجيد جي گهڻين آيتن ۾ بهشت جي حورن جو ذڪر آيل آهي، جنهن مان مراد بهشت جون پيڪران جمال (حُسن واريون) آهي، عام طور تي حورن بابت اهو تصور پيدا ٿئي ٿو ته اهي عورتون هونديون. قرآن مجيد ۾ انهن جا مختلف اوصاف بيان ٿيل آهن. مثلاً هي پيڪر (جسم، صورت) هر آلودگيءَ يعني بداخلاقي، بدصورتي، بدنمائي ۽ بدفعلي وغيره کان پاڪ آهن، هي پيڪر پاڪيزه هوندا. هي هڪ ئي هنڌ نظر ڄمائي رکڻ واريون، پاڪ، ڪنواريون، وڏين اکين واريون، موتيءَ وانگر چمڪدار، ياقوت ۽ مرجان سان مشابهت رکندڙ، نيڪ سيرت، پرده نشين، عظمت ۽ جلال سان خيمن ۾ مقيم وغيره هونديون، حديث ۾ به حورن بابت اهڙا ئي اوصاف بيان ٿيل آهن.
حورن جا ٻه قسم ٿين ٿا: (1) انسان حورون ۽ (2) جن حورون. اهڙيءَ طرح جنت جي مختلف طبقن ۾ مختلف قسمن جون حورون هونديون، هنن جي تخليق بابت مفسرن ۾ اختلاف آهي، ڪي هنن کي حقيقي معنيٰ ۾ وٺن ٿا ته ڪي وري مجازي ۾ يعني حورن جو ذڪر بطور تمثيل جي آهي، ورنه دراصل انهن مان مراد جنت جون خوشيون ۽ لذتون آهن، جن جي ڪري هي مادي ۽ جسماني استعارا استعمال ٿيا آهن. شاهه ولي الله موجب: ”حشر جا سڀئي واقعا از قبل تمثيل آهن، جنت جون خوشيون اهڙيون آهن جيڪي تخيل کان ماوريٰ آهن.“
خواجه حسن بصري، حور جي معنيٰ بيان ڪري ٿو ته: ”بني آدم جون نيڪ عورتون“ آهن. آيت ’زوجناهم بحورعين‘ ۾ ’زوجنا‘ لفظ سان ذهن نڪاح طرف منتقل ٿي وڃي ٿو، پر عرب محقق يونس موجب حرف صله جي بنا تي جيڪو حور تي داخل آهي، ان موجب جنت ۾ نڪاح ناهي ٿيندو، انهيءَ سلسلي ۾ هن گهڻن عرب شاعرن جا مثال پڻ پيش ڪيا ۽ ثابت ڪيو ته جنت ۾ اهڙو تعلق نه ٿيندو، جهڙو دنيا ۾ زال مڙس جي وچ ۾ رهي ٿو. حور جو ذڪر قرآن مجيد ۾ گهڻائي دفعا آيو آهي ۽ قرآن پاڪ، حورن جون اهڙيون عظيم الشان صفتون بيان ڪيون آهن، جيڪي هر ان تصور کان بلند آهن، جيڪي انساني دماغ ۾ بينظير حسن، بلند فطرت ۽ انتهائي لطافت جي نسبت سان پيدا ٿين ٿا.
قرآن شريف ۾ حورن کي جنت جي نعمتن مان هڪ نعمت ڄاڻايو ويو آهي. جهڙيءَ طرح جنت جون ٻيون نعمتون ميوا، ماکي، کير ۽ ٻيون نعمتون مردن ۽ عورتن لاءِ يڪسان آهن، اهڙيءَ طرح جنت جون حورون به مردن ۽ عورتن لاءِ هڪجهڙيون آهن ۽ حور جو ذڪر حسن ۽ خوبصورتي يا لذت ۽ سرور لاءِ بطور تمثيل آهي. اسلامي مفسرن جي نظر ۾ جنت جي هن نعمت کي شهوانيت سان گڏڻ معترضن جي پست خيالي آهي.


لفظ حوتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو