حياءُ: حياءَ جي لغوي معنيٰ غيرت، شرم، حجاب، لڄ، ڦِڪائي وغيرہ آهي. حياءَ جا ٻہ قسم آهن. پهريون حياءَ نفسياتي آهي، جيڪو ﷲ تعاليٰ هر هڪ انسان ۾ رکيو آهي، جيئن گهڻن ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ اگهاڙي ٿيڻ کان حياءَ ڪرڻ، ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ڪو برو فعل ڪرڻ کان حياءَ ڪرڻ وغيرہ. حياءَ جو ٻيو قسم ايمان سان تعلق رکي ٿو. جنهنڪري مسلمان ﷲ جي خوف سبب گناھہ کان بچيل رهن ٿا. حضور اڪرم صلعم جن حياءَ بابت فرمائين ٿا تہ: ”حياءَ ايمان جي شاخ آهي.“ هڪ ٻي حديث ۾ پاڻ سڳورا صلعم فرمائين ٿا تہ: ”اسلام جي صفت حياءَ آهي.“ هر مذهب جي ڪانہ ڪا صفت هوندي آهي. حياءَ جي اسلام ۾ ايتري تہ اهميت آهي، جو پاڻ سڳورن حياءَ کي اسلام جي صفت قرار ڏنو. حيا بابت پاڻ سڳورا هڪ ٻئي هنڌ فرمائين ٿا ته، ”حياءُ ايمان جي هڪ شاخ آهي ۽ ايمان وارا جنت ۾ ويندا، جڏهن تہ بي حيائي بدمزاجي آهي ۽ بدمزاج ماڻهن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي. حياءُ بابت ’نهج البلاغه‘ ۾ حضرت علي ابن ابي طالب عليہ السلام فرمائين ٿا تہ: ”جنهن کي حياءَ پنهنجو لباس پهرايو، تنهن جا عيب ماڻهن جي سامهون نٿا اچن.“