حياءُ

حياءُ: حياءَ جي لغوي معنيٰ غيرت، شرم، حجاب، لڄ، ڦِڪائي وغيره آهي. حياءَ جا ٻه قسم آهن. پهريون حياءَ نفسياتي آهي، جيڪو الله تعاليٰ هر هڪ انسان ۾ رکيو آهي، جيئن گهڻن ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ اگهاڙي ٿيڻ کان حياءَ ڪرڻ، ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ڪو برو فعل ڪرڻ کان حياءَ ڪرڻ وغيره. حياءَ جو ٻيو قسم ايمان سان تعلق رکي ٿو. جنهنڪري مسلمان الله جي خوف سبب گناهه کان بچيل رهن ٿا. حضور اڪرم صلعم جن حياءَ بابت فرمائين ٿا ته: ”حياءَ ايمان جي شاخ آهي.“ هڪ ٻي حديث ۾ پاڻ سڳورا صلعم فرمائين ٿا ته: ”اسلام جي صفت حياءَ آهي.“ هر مذهب جي ڪانه ڪا صفت هوندي آهي. حياءَ جي اسلام ۾ ايتري ته اهميت آهي، جو پاڻ سڳورن حياءَ کي اسلام جي صفت قرار ڏنو. حيا بابت پاڻ سڳورا هڪ ٻئي هنڌ فرمائين ٿا ته، ”حياءُ ايمان جي هڪ شاخ آهي ۽ ايمان وارا جنت ۾ ويندا، جڏهن ته بي حيائي بدمزاجي آهي ۽ بدمزاج ماڻهن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي. حياءُ بابت ’نهج البلاغه‘ ۾ حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام فرمائين ٿا ته: ”جنهن کي حياءَ پنهنجو لباس پهرايو، تنهن جا عيب ماڻهن جي سامهون نٿا اچن.“


لفظ حياءُھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو