حياتين

حياتين

حياتين

حياتين: حياتين يا وٽامن خوراڪ جا نهايت اهم جزا آهن، هي جزا عام طور ميون، ڀاڄين ۽ کاڌي جي ڪچين شين مان ملن ٿا. کاڌن کي پچائڻ سان هنن جزن جو مقدار گهٽجي ويندو آهي. هن قسم جا وٽامن پاڻيءَ ۾ حل ٿيڻ سميت کاڌي جي شين کي وڌيڪ ڌوئڻ سان ضايع ٿي ويندا آهن. اهي گهڻو ڪري نباتات جي ساون پنن، مکڙين، گونچن، پاڙن، ميون ۽ جانورن جي اندرين عضون مان ميسر ٿيندا آهن. ڪارخانن يا ملن ۾ تيار ٿيل شين مثلاً: دٻن ۾ بند ٿيل کاڌن ۾ گهڻو ڪري اڪثر وٽامن ضايع ٿيل هوندا آهن، جن کاڌن ۾ زياده وٽامن هوندا آهن، انهن کي صحت بخش کاڌا چيو ويندو آهي. هن قسم جا وٽامن قدرتي طور اناج، ميون، ڀاڄين گوشت وغيرہ ۾ موجود هوندا آهن، جيڪي آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان کان علاوہ حياتين (Vitamin) جا هيٺيان قسم آهن:
حياتين’اي‘ (Vitamin-A): هي حياتين گهڻو ڪري سڻڀين شين، جانورن جي اندرين عضون جگر، گڙدي ۽ دل ۾ ملي ٿي. مڇي تہ هن حياتين جو خزانو آهي. مڇيءَ مان هن وٽامن جي غذا حاصل ڪري سگهجي ٿي. کاڌن ۾ سوڍا استعمال ڪرڻ سان هي وٽامن ختم ٿي ويندا آهن.
حياتين ’ي‘ Vitamin-B): هي حياتين اناج جي کلن ۽ ٻجن ۾ جام ٿئي ٿي. ڪڻڪ، چانور، ٻاجهري، مڪئي ۽ جوئر ۾ هن وٽامن جا خزانا موجود آهن، پر ان لاءِ ضروري آهي تہ ڄاڻايل اناج جي اندرين کلن کي باقي رکيو وڃي ۽ انهن جي اٽي کي ڇاڻيو نہ وڃي. خاص ڪري هي وٽامن مشين جي پيٺل اٽي ۾ ضايع ٿي وڃن ٿا. ڪڻڪ جي ماني انساني غذا جو وڏو ذريعو آهي، جيڪڏهن اٽي کي نہ ڇاڻيو وڃي تہ انساني جسم ۾ وٽامن جي گهٽتائيءَ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي. حياتين ”بي“ جي گهٽتائي مرضن جو اهم سبب بنجندي آهي. سايون ڀاڄيون جھڙوڪ: بصر، پٽاٽا، ٽماٽا، مٽر ۽ گجر نهايت سستا کاڌا آهن ۽ اهي حياتين ”بي“ جا ڀرپور خزانا آهن. حياتين ”بي“ مغز ۽ دالين ۾ بہ چڱي انداز ۾ موجود آهن. ساين ڀاڄين کي ضرورت کان وڌيڪ رڌڻ سان انهن مان وٽامن ’بي‘ضايع ٿي ويندا آهن. جگر، معدي ۽ بدن ۾ ٻين مرضن پيدا ٿيڻ جو وڏو سبب گهڻو ڪري هن وٽامن جي گهٽتائي هوندي آهي.
حياتين ’سي‘ (Vitamin-C): هي وٽامن گهڻي انداز ۾ پنن وارين ڀاڄين پالڪ، ساڳ ۽ ساين ڦرين ۽ رس وارن ميون، ليمن، نارنگين بصرن ، ساون مرچن، سنگترن ۽ ٽماٽن ۾ ملن ٿا. هي وٽامن باھ کي برداشت نہ ڪري سگهندا آهن، ان لاءِ مٿي ڄاڻايل شيون ڪچيون ئي استعمال ڪبيون آهن. هن وٽامن جي گهٽتائيءَ سبب ’اسڪروي‘ جي بيماري لاحق ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ هي مرض پنھنجي شدت واريءَ حالت ۾ اسان جي ملڪ ۾ تمام گهٽ ڏٺو ويو آهي، پر ڪيترن مردن ۽ خاص ڪري ٻارن ۾ اسڪروي جون ڪي خاص نشانيون ملن ٿيون. ان لاءِ هي اهميت رکن ٿا.


لفظ حياتينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو