حيات بلوچ
حيات بلوچ: مشھور صحافي حيات بلوچ جو پورو نالو محمد حيات ولد ميوو فقير چانڊيو آهي. سندس جنم 9 جون 1939ع تي ٽنڊي آدم ويجهو ڳوٺ لاڪڙا ۾ ٿيو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم کانپوءِ بي. اي سچل آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان 1967ع ۾ ڪئي. 1963ع ڌاري روزاني ’عبرت‘ ۾ پروف ريڊر، 1967ع کان 1970ع تائين سب ايڊيٽر ۽ 1990ع تائين نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ کانپوءِ 1998ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ڪجهه عرصي لاءِ روزاني ’بختور‘ جو ايڊيٽر ٿيو. 2004ع ۾ عبرت آفيس ڪراچيءَ جي رپورٽنگ اسٽاف جو نگران به رهيو. حيات بلوچ حيدرآباد پريس ڪلب جو ٽي ڀيرا جنرل سيڪريٽري، گورننگ باڊي جو ميمبر، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جو صـدر ۽ جـنرل سيڪريٽري به رهيو. 1973ع ۾ ويـج بورڊ اوارڊ لاءِ هلندڙ جدوجھد ۾ سرگرم رهيو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ جنرل ضياءَ پاران روزنامه ’مساوات‘ تي لڳايل پابنديءَ خلاف صحافين جي هلندڙ ’جيل ڀريو تحريڪ‘ ۾ به ڪافي سرگرم رهيو. ان سان گڏوگڏ روزاني ’عبرت‘ جي ڪراچي ايڊيشن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هن 23 آگست 2023ع تي اباڻي ڳوٺ لڳ هالا ۾ وفات ڪئي.
1939.06.09 عيسوي
مشھور صحافي حيات بلوچ جو پورو نالو محمد حيات ولد ميوو فقير چانڊيو آهي. سندس جنم 9 جون 1939ع تي ٽنڊي آدم ويجهو ڳوٺ لاڪڙا ۾ ٿيو.