حيار ۽ ٻيلو ڪنب: حيار ۽ ٻيلو ڪنب نالي هي ٻئي ڍنڍون ديھہ ڪوهستان، غيبي ديري ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ واقع آهن. يونين ڪائونسل ڪاڇي جون هي تاريخي ۽ ڪشاديون ڍنڍون آهن. هنن ڍنڍن لاءِ مشھور آهي تہ حيار ۽ ٻيلو نالي چانڊيا برادري جي ٻن عورتن هنن ڪنبن ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو هو، جن جي پويان هنن ڍنڍن تي اهي نالا پيا. ناليواري ليکڪ ۽ محقق اشتياق انصاريءَ پنھنجي مقالي ’کيرٿر هل اسٽيشن‘ ۾ ان قصي بابت ڄاڻايو آهي تہ: ”ڪنهن زماني ۾ چانڊين جو پٺاڻن سان جهيڙو هو. چانڊيا سيتا جي ڏاٺ جبل تي ويٺل هئا. چانڊين جو چڱو مڙس روڌڻ خان عارفاڻي هو ۽ پٺاڻن جو چڱو مڙس ذونو پٺاڻ هو. جڏهن پٺاڻن چانڊين سان جنگ ڪئي تہ چانڊيا ڏاٺ جي جبلن ۾ لڪي هڪ لڪ ۾ مورچا ٺاهي ويٺا هئا. هن ٻن گائنچن ورڻي ۽ ماکڻي کي موڪليو تہ ڏسي اچن تہ پٺاڻن جو لشڪر ڪٿي پهتو آهي. هنن پٺاڻن جو لشڪر ايندو ڏٺو ۽ پٺاڻن بہ هنن ٻنهي کي ڏسي ورتو. جڏهن پٺاڻن جو لشڪر ويجهو اچي چڪو هو ۽ هي چانڊين کي اطلاع ڏئي نہ سگهيا ۽ پٺاڻن تي حملو ڪري سندن ٻن ماڻهن کي ماري وڌائون, ان کان پوءِ پٺاڻن هنن ٻنهي کي ماري ڇڏيو. سيتا جي ڏاٺ ۾ هنن ٻن گائنچن جون قبرون موجود آهن. جڏهن چانڊين گولين جو آواز ٻڌو تہ جبل مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ٻنهي ڌرين جو لشڪر هڪ ٻئي جي سامهون ٿيو. جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ چانڊين پنھنجي عورتن کي سيتا نئن جي ڪنبن تي ويهاري اتي هڪ لنگهي کي دهل ڏئي لڪائي ويهاريو. عورتن کي چيو ويو تہ لنگهو، جڏهن ”ڍڍ“ دهل وڄائي تہ سمجهي وڃجو تہ اسان جنگ هارائي آهي، ان صورت ۾ توهان ڪنبن ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪجو، پر جيڪڏهن لنگهو ٻيو ڪو سُر وڄائي تہ سمجهجو تہ اسان جنگ کٽي آهي ۽ توهان سڀ گهرن ڏانهن موٽي اچجو. انهن عورتن ۾ حيار ۽ ٻيلو چانڊياڻيون بہ هيون. ٻيلو، روڌڻ خان جي ڪٽنب مان ۽ حيار جھان خان جي ڪٽنب مان هئي. جڏهن جنگ شروع ٿي تہ چانڊين ڪيترائي پٺاڻ ماري وڌا ۽ زندہ بچيل پنج پٺاڻ وٺي ڀڳا. چانڊين جي فتح ٿي تہ لنگهي خوشيءَ مان ڀُوڪر جي ’ڍڍ‘وڄائي تہ حيار ۽ ٻيلو عورتن هڪدم ڪنب ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو. باقي سڀ عورتون بچي ويون ۽ پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي ويون. ان کان پوءِ ڪنبن تي ’حيار‘ ۽ ’ٻيلو‘ نالو پئجي ويو. هن واقعي کان پوءِ چانڊيا قبيلي جا ماڻهو پنهنجن ڇوڪرين جا نالا ’حيار‘ ۽ ’ٻيلو‘ رکندا اچن ٿا.