سنڌ جو مرڪزي شهر آهي. هيءُ شهر ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ پڪي قلعي جي تعمير کان..." />
حيدرآباد  شاهي بازار جو ڏيک (1890ع)

حيدرآباد شاهي بازار جو ڏيک (1890ع)

حيدرآباد جي ٽاور مارڪيٽ

حيدرآباد جي ٽاور مارڪيٽ

حيدرآباد  پڪو قلعو

حيدرآباد پڪو قلعو

حيدرآباد  غلام شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو

حيدرآباد غلام شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو

حيدرآباد  شاهي بازار

حيدرآباد شاهي بازار

پڪي قلعي جو ٻاهريون ڏيک

پڪي قلعي جو ٻاهريون ڏيک

ڪچو قلعو

ڪچو قلعو

هوم اسٽيڊ هال،حيدرآباد

هوم اسٽيڊ هال،حيدرآباد

سنڌ ميوزم

سنڌ ميوزم

حيدر چوڪ

حيدر چوڪ

راڻي باغ لڳ عيدگاهه

راڻي باغ لڳ عيدگاهه

گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جو مئن گيٽ

گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جو مئن گيٽ

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي موجوده بلڊنگ

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي موجوده بلڊنگ

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي

سنڌي اخبارون

سنڌي اخبارون

سنڌي اخبارون

سنڌي اخبارون

حيدرآباد

حيدرآباد (شهر): سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر آهي. هيءُ شهر 250 15" اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 680 45" اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هيءُ شهر صوبي جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ کان 150 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. ملڪ جا ٻه اهم وڏا روڊ، انڊس هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي هتي اچي گڏجن ٿا. سنڌ جي قديم شهرن ۾ هن شهر کي وڏي اهميت حاصل آهي. حيدرآباد ثقافتي، ادبي، علمي، سياسي، سماجي لحاظ کان
سنڌ جو مرڪزي شهر آهي. هيءُ شهر ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ پڪي قلعي جي تعمير کانپوءِ آباد ٿيو. ميان نور محمد جي وفات کانپوءِ غلام
شاهه ۽ سندس پٽن ۾ تخت تان اڻ بڻت ٿي پئي، جنهن ڪري مختلف وقتن تي مختلف هنڌن تي نوان شهر ٻڌي، انهن کي تختگاهه جو درجو ڏنو ويو. جيئن الهه آباد، شاهپور، شاهه ڳڙهه وغيره پر اهي شهر مستقل تخت گاهه ٿي نه سگهيا. سال 59-1758ع ۾ غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جو مسند ڌڻي ٿيو ته هن خدا آباد ۽ ٻين شهرن کي ڇڏي فيصلو ڪيو ته نون شهر ٻڌي ان کي تخت گاهه ڪيو وڃي، اهڙيءَ ريت مارچ 1769ع ۾ پڪي قلعي جي تعمير شروع ٿي. ان سڄي ڪم جو پورائو ٻن مهينن (ڪن تاريخن موجب ڇهن مهينن ۾) ٿيو. مير علي شير قانع ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکيو آهي ته: نيرون ڪوٽ جو هڪ مضبوط جبل آهي، جنهن جي سرزمين تي تختگاهه بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي هئي، تنهنڪري حيدرآباد جو مضبوط قلعو سن 1182هه/1769ع ۾ جڙي راس ٿيو ۽ مٿس ’حيدرآباد‘ نالو رکيو ويو. سندس سامهون ٽڪر جي مٿان شهر اڏائي رعيت کي قلعي جي حفاظت ۾ رهايائون. ذوالحج مهيني ۾ ديري کان موٽڻ تي اچي انهيءَ قلعي ۾ رهيا.“ هن راءِ جي برعڪس ميجر راورٽي پنهنجي ڪتاب ’دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري‘ ۾ لکيو آهي ته: حيدرآباد شهر جو بنياد 1768ع ۾ رکيو ويو. ڏيڍ ٻن سالن جي عرصي ۾ تعميرات مڪمل ٿي ته سنڌ جو حاڪم حيدرآباد ۾ اچي رهيو. ان ريت قديم ’نيرون‘ جي جاءِ ’حيدرآباد‘ والاري.
هن شهر تي حيدرآباد نالو پوڻ بابت هيٺيون روايتون ملن ٿيون: (1) هيءُ شهر پهرين نيرون ڪوٽ جي نالي سان سڏبو هو، جتي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پاران پڪو قلعو ٺهرائي ان تي ’حيدرآباد‘ جو نالو رکڻ بعد هن شهر جو نالو حيدرآباد ٿيو. (2) نيرون راجا جي دور ۾ هڪ اصحابي گل حيدر شاهه سنڌ ۾ اچي رهيو جڏهن نيرون ڪوٽ جي جاءِ تي ٻيو ڪوٽ ٺاهيو ويو ته هن ان جي تعمير ۾ حصو ورتو. ان جي قبر قلعي جي اترئين دروازي وٽ آهي، جنهن کي هينئر نوگزا پير ڪري چون ٿا. (3) غلام شاهه ڪلهوڙي طرفان هن قلعي ٺهرائڻ لاءِ حيدر قلي نالي هڪ منشي مقرر ٿيل هو. غلام شاهه ڪلهوڙي ان جي ڪم کان خوش ٿي هن قلعي جو نالو حيدرآباد رکيو. (4) روايت موجب هتي حضرت علي ڪرم الله وجهه جن جي آمد جون ڳالهيون به ٿيون ۽ سندن قدمن جا نشان قلعي جي ڀرسان ’قدم گاهه مولا علي عه‘ ۾ اڄ به موجود آهن. ان ڪري هن جو خيال آهي ته سندن لقب ’حيدر ڪرار‘ پويان هن قلعي تي حيدرآباد جو نالو رکڻ ممڪن آهي. جيتوڻيڪ هيءَ روايت ڪمزور آهي، پر حضرت علي ڪرم الله وجهه جي نالي پويان هن شهر جو نالو حيدرآباد رکڻ جون تاريخي روايتون به موجود آهن. ڪلهوڙا پاڻ کي حضرت علي ڪرم الله وجهه جي چاچي حضرت عباس رضه جي اولاد مان سڏائيندا هئا، انهيءَ ڪري کين حضرت علي ڪرم الله وجهه سان گهڻي عقيدت هئي. انهي ڪري نيرون ۾ نئون قعلو تعمير ڪرائي حضرت علي ڪرم الله وجهه جي نالي ’حيدر‘ جي نسبت سان هن نئين شهر جو نالو ’حيدرآباد‘ رکيائون. انهيءَ ئي روايت تي اڪثر محقق متفق آهن. قلعي جي ٺهڻ وارو سال 1182هه، هن قرآني آيت مان نڪتو ته ’يا رب اجعل هذا البلد آمنا‘ يعني ته: ”اي ڌڻي، هن شهر کي امن وارو ڪر!“ اهو ئي ماده تاريخ سنگ مرمر جي تعويذ تي اُڪيرائي ’سنگ بنياد‘ طور قلعي جي دروازي مٿان هڻايو ويو، هيٺان انهيءَ چوڪنڊي تختيءَ تي قلعي جي اڏاوت بابت هي لفظ تحرير آهن:
ساڄي پاسي: الله اڪبر الهم صلي عليٰ محمد و علي و فاطمه مٿان= والحسن والحسين و علي و محمد جعفر و موسيٰ و علي.
کاٻي پاسي: و محمد و علي و الحسن و محمد المهدي الهادي.
هيٺئين پاسي: ”باالمر عالي مظهر ولايت ميان غلام شاهه خان عباسي بن ميان نور محمد بن ميان يار محمد بن ميان نصير محمد عباسي بنا يافت“.
ميان غلام شاهه 1772ع ۾ وفات ڪئي ته کيس پنهنجي اڏايل شهر حيدرآباد ۾ دفن ڪيو ويو. هيءُ پهريون ڪلهوڙو حاڪم هو، جيڪو حيدرآباد ۾
دفن ٿيو. ميان غلام شاهه کانپوءِ ميان سرفراز خان ڪلهوڙو تخت نشين ٿيو، انهيءَ سال 1186هه/1772ع ۾ ميان سرفراز خان وڏن جي تختگاهه خدا آباد جي يادگار طور هالن کان ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي اترطرف خدا آباد (ثاني) نالي هڪ نئون شهر ٻڌائي، ان کي پنهنجو تختگاهه مقرر ڪيو. 1189هه/1775ع ۾ مير صوبدار خان ۽ مير بهرام خان کي قتل ڪرائڻ کانپوءِ سرفراز خان، حيدرآباد جي قلعي ۾ اچي لڪو پر جلد گرفتار ٿيو. ميان سرفراز کانپوءِ ڪجهه مهينا سندس ڀاءُ ميان محمود خان تخت تي ويٺو، پر اهو پڙهيل لکيل نه هو انهيءَ ڪري سردارن ۽ وزيرن کيس معزول ڪري، ميان غلام نبي کي 1189هه/ 1775ع ۾ تخت تي ويهاريو ۽ 1190هه/ 1776ع ۾ مير بجار خان سان جنگ ڪندي ميان غلام نبي يارو فراش هٿان قتل ٿي ويو. ميان غلام نبيءَ کانپوءِ ميان عبدالنبي تخت تي ويٺو ۽ 1882ع ۾ هالاڻي جي جنگ ۾ هارائڻ کانپوءِ ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿي ۽ ٽالپرن جي حڪومت شروع ٿي، ٽالپرن طرفان مير فتح علي خان ٽالپر سنڌ جو حڪمران ٿيو. ان 1204 هه/ 1789ع تائين ’خدا آباد‘ (نئون) کي تختگاهه برقرار رکيو. بعد ۾ دارالحڪومت کي ’حيدرآباد‘ منتقل ڪيو ويو. هيءُ شهر 1843ع ۾ انگريزن جي فتح تائين سنڌ جو تختگاهه رهيو. پوءِ چارلس نيپيئر اهو اعزاز ’ڪراچي‘ شهر کي ڏنو.
مير فتح علي خان سڀ کان اول شهر جي سِٽاءَ ۽ آبادي طرف ڌيان ڏنو. خدا آباد ۾ جيئن وچان سڌي بازار هئي، تيئن قلعي جي دروازي جي سامهون سڌي بازار قائم ڪيائين، جيئن ته اڳين آبادي انهيءَ شاهي بازار جي منڍ کان اوڀر-اتر طرف هئي ۽ اها سڄي مسلم آبادي هئي، انهيءَ ڪري شاهي بازار جي اوڀر طرف مسلمانن کي آباد ڪيو ويو. شاهي بازار جي اولهه طرف، قلعي جي سامهون به ڪجهه مسلمان آبادي هئي، جا هاڻي اڳتي جمن شاهه جي پڙ تائين وڌي. البت انهيءَ ٽڪر ۾ ديوان گدومل ۽ سندس ڪٽنب کي جيڪي گدو بندر مان هتي منتقل ٿي آيا، ”مير مير محمد خان جي پڙ“ جي ڀرسان اڀرندي طرف جاءِ ڏني وئي، گدواڻي گهٽي انهيءَ ڪٽنب جي اصلي جاين جو يادگار آهي. وڏو توجهه ڪاريگرن ۽ ڪاسبين جي آباديءَ تي ڏنو ويو، واڍا ۽ رازا خدا آباد مان گُهرايا ويا ۽ انهن خدا آبادي واڍن کي ”واڍن جي پڙ“ واري ايراضيءَ ۾ ۽ رازن کي ’کاهي روڊ‘ واري زمين تي آباد ڪيو ويو، فوجي ضرورت لاءِ تيورا ذات جا ماڻهو جيڪي رتناڻي جا خيمه دوز يا تنبو ٺاهيندڙ هئا، نال بند ۽ نوبتون نغارا مڙهيندڙ ”بزگر“ آڻي ويهاريا ويا. گوله انداز، جيڪي ڪلهوڙن جا ماڻهو هئا، تن جي دلجوئي ڪري کين آباد ڪيو ويو. بندوقون ۽ هٿيار ٺاهيندڙ مستري ۽ لوهار توڙي ’خاطوند‘ ڪاريگر جي هٿيارن جي ڳنن توڙي عاج ۽ ڪاٺ جي سامان تي جڙاوت جو ڪم ڪندا هئا، تن کي وسايو ويو. ڀائي خان جنهن جي نالي چاڙهي سڏجي ٿي، سو ترارن ٺاهڻ جو ڪاريگر هو. بهرحال مير فتح علي خان جي عهد ۾ ڪوري، کٽي، کنڀاٽي، رنگريز، زري دوز، پاٽولي، زرگر (سونارا)، وينجهر، چوڙيگر، ڦڻي گر، سراز، ڪمانگر يا نقاش، لوهار، ٺاٺارا ۽ ڪاسائي شهر جي آباديءَ جو اهم حصو بڻجي ويا. انهيءَ عام آباديءَ کانسواءِ ٽالپر حڪمرانن پنهنجن نوابن ۽ خدمتگارن، آخوندن ۽ طبيبن کي به موزون جايون سندن حويلين، سرائن ۽ اوطاقن لاءِ ڏنيون. شهر جي آباديءَ جا خاص حصا شاهي بازار جي ٻنهي پاسي گهٽين، پاڙن يا پڙن جي نالن پويان مشهور ٿيا. ٽالپوري عهد ۾ خاص شهري آباديءَ جو تفصيل لڳ ڀڳ هيٺينءَ طور هو:
(الف) شاهي بازار جو الهندو پاسو (ڏکڻ کان اتر): قلعي جي دروازي آڏو برج هو، انهيءَ برج جي الهندي طرف ”مير نصير خان جو پڙ“ هو، جنهن جي ڀرسان اتر طرف مير محمد خان جو پڙ هو. انهيءَ جي ڀرسان جمعدار ڪوڙي ناريجي جون حويليون هيون، جتي ناريجن واري مسجد اڃا تائين موجود آهي. هيٺ اولهه طرف ڀائي خان لوهار جو پاڙو ۽ پڙ هو، جنهن تان ڀائي خان جي چاڙهيءَ جو نالو پيو، انهيءَ چاڙهيءَ جي مٿان ٺاٺارن جو پاڙو هو. مٿي اصحابيءَ جي قبر لڳ نال بندن جي مسجد ۽ پاڙو هئا، مير محمد خان جي پڙ کان اڀرندي پاسي ديوان گدومل ۽ ٻين هندن جا گهر ۽ سرائون هيون. جمن شاهه جي پڙ وٽ زرگر يا سونارا رهندا هئا. ساڳيءَ جاءِ تي کٽين جو پاڙو هو، جي مير صاحبن جا ڪپڙا ڌوئيندا هئا. اتان اتر طرف اڳتي ’پرور شاهه جو پڙ‘ هو، جنهن جي ڀرسان خاطو بندن جو پاڙو، جا چوڙيگرن جي گهٽي پڻ سڏبي هئي. پاڪستان ٺهڻ بعد اها ريشم گهٽي جي نالي سان مشهور ٿي. جمن شاهه جي پڙ بعد وينجهرن جو پاڙو هو، ان جي ڀرسان يتيم شاهه جي مزار هئي، جتي مير صاحبن طرفان مسجد جوڙائي وئي، جا مير غلام عليءَ جي نالي سان مشهور ٿي. ڀرسان مرزا لطف علي جو پڙ ۽ ’بوچالي شاهه جو پڙ‘ هو، جنهن تان ’بوچالي شاهه جي چاڙهيءَ‘ جو نالو پيو. هيٺ وري ’پکا پير وارو اوتارو‘ هو، جتي بلوچ سردارن جي وڏي اوطاق هئي. اوطاق پوءِ ٿي، پهريائين ڪلهوڙن حاڪمن جو قيد خانو (جيل) هو، جنهن ۾ ميان سرفراز
تي قرآن شريف جي تلاوت دؤران تلوار جو وار ڪيو ويو هو، سندس شهيد ٿيڻ واري جاءِ تي پوءِ قبر ٺهرائي وئي، ’جمن شاهه جي پڙ‘ کان وٺي ڇوٽڪي گهٽيءَ ۽ سري گهاٽ تائين خدا آباد جا هندو عامل آباد هئا، هيٺ الهندي طرف ڪاساين جو پڙ ۽ احسان علي شاهه جو اوتارو هئا، جتي پڻ ٻاهريان قومي سردار اچي اوطاقي ٿيندا هئا.
(ب) شاهي بازار جو اڀرندو پاسو (ڏکڻ کان اتر): قلعي جي سامهون شاهي بازار کان اوڀر طرف جيڪا اتر-اولهه اوڀر رخ تي وڃي ٿي اها ’طاهر بازار‘ هئي، جنهن تي اهو نالو نواب سرائي طاهر خدمتگار جي نالي تان پيو. طاهر بازار کان اندر ئي اشرف شاهه بخاريءَ جي مزار وارو محلو هو، انهيءَ ڀرسان ’لونگ ڀڳت جي گهٽي‘ واريءَ ايراضيءَ ۾ ’صيقل گر تيورا‘ رهندا هئا، جي ترارون صاف ڪندا هئا. تيورن جي ڀرسان ڦڻي گر رهندا هئا، جن جي پاڙي لڳ نهال شاهه جو پڙ هو. ان جي ڀرسان ذري دوزن جو محلو هو ۽ ٽالپوري عهد جي خاتمي بعد سال 1875ع ۾ پڻ هتي هڪ سئو ڪاريگر هئا، جي سون ۽ چانديءَ تي زريءَ جو ڪم ڪندا هئا. زريدوزن سان لڳ کنڀاٽي گهٽيءَ وٽ ’کنڀاٽين جو ويڙهو‘ هو، جي رڱاوت جو ڪم ڪندا هئا. ان جي ڀرسان فقير جوڻيجي خدمتگار جو پڙ هو، جو هينئر عام طور ’فقير جو پڙ‘ سڏجي ٿو. ان جي ڀرسان ميان يونس وارن جون حويليون هيون، ان بعد نواب محمد خان ٽالپور جي نالي پويان جيڪا نواب جي چاڙهي يا ٺوڙهي جي چاڙهي سڏجي ٿي ان جي ڏکڻ طرفان رتناڻين جو پاڙو هو، جي خيمه دوز هئا ۽ ميرن جا تنبو ٺاهيندا هئا. انهن جي ڀرسان ڪمانگرن يا نقاشن جو پاڙو هو. چاڙهيءَ جي اتر طرف نواب صاحب جون سرائون ۽ اوطاقون هيون، جتي بعد ۾ قاضي امام علي مختيارڪار ۽ مئجسٽريٽ رهڻ لڳو. ان جي ڀرسان طبيبن جو پاڙو هو، جن مان وڏو حڪيم محمود انصاري، سندس پٽ محمد حسن ۽ حڪيم محمد جعفر ٿي گذريا آهن، اتان اڳتي ’گنج بخش جو پڙ‘ هو، جتي پڻ نقاش رهندا هئا ۽ اڃان تائين رهن ٿا. ان بعد شيراڻي ملن جو پاڙو ۽ اڳتي هاشمياڻين ۽ حميراڻين جا پاڙا هئا، ان بعد ’ناهين جو پڙ‘ هو، جي ڪلهوڙن جي فوج ۾ هئا ۽ ميرن جي ڏينهن ۾ پڻ خاص فوج ۾ شمار ٿيل هئا. ’ناهين جي پڙ‘ جي اولهه ۾ ’کٽين جو ويڙهو‘ هو ۽ ان جي اولهه ۾ ’سانول شاهه جو پڙ‘ ۽ ’مڇي هٽ بازار‘ هئا. ’ناهين جي پڙ‘ جي اتر ۾ امير شاهه بخاريءَ جو پڙ ۽ ’دينوءَ جو پڙ‘ هئا. امير شاهه اُچ جي ساداتن مان هو ۽ مير نصير خان جي ڏينهن ۾ هتي آيو. دينو شيخ نيرو ئي هو ۽ سندس اولاد مان ميرن جو مشهور خفتي شڪاري ’محمد شينهن مار‘ ٿيو. ان بعد قاضين ساداتن جو پاڙو هو، جن مان مشهور شاعر فاضل شاهه ٿيو، انهن جي ڀرسان ’گل اندازن‘ جو پاڙو هو. گل اندازن جي اتر ۾ ڪوري رهندا هئا ۽ ’ڪورين جو پڙ‘ اڃان تائين مشهور آهي، ان جي اتر ۾ واڍن جو پاڙو هو، جتي واڍن جو پڙ مشهور آهي. واڍن جي پڙ کان اوڀر طرف ’خير شاهه جو پڙ‘ هو ۽ اتر طرف ’سخي جو پڙ‘ هو. ان طرف اهو شهر جو دنگ هو. البته ڊومڻ واهه طرف فتح فقير جو مشهور اوتارو هو ۽ ٽئين نمبر تلاءَ طرف سرازن جو ويڙهو هو.
قلعي جي سرن لاءِ اوڀر طرف کان مٽي ڪڍي وئي هئي ۽ اهي کڏون پاڻ ۾ ملي هڪ وڏي کاهيءَ جي صورت ۾ بنجي پيون، جنهن کي پوءِ ’ڪانگن کاڌي‘ سڏيندا هئا. انهيءَ ڪانگن کاڌيءَ تي به بلوچ سردارن جون اوطاقون هونديون هيون. قلعي ۽ شهر جي انهيءَ مرڪزي آباديءَ جي چوڌاري نوابن ۽ خاص ماڻهن جا ٽنڊا هئا. الهندي طرف گدوءَ جو ٽنڊو يا گدوبندر بدستور موجود آهي. جهانيان پوٽه ساداتن مان سيد ويڌل شاهه اصل شاهپور جهانيان (تعلقو مورو) جو رهندڙ هو. صفا اولهندي طرف، ٽڪر جي هيٺان ٽنڊو جهانيان آباد ڪيو، ٽنڊي جهانيان جي اوريان ڏکڻ طرف ۽ گدو واري رستي کان اتر طرف چانگ قبيلي مان هڪ مرداني عورت مائي ماهڻ جي نالي پويان ’مائي ماهڻ‘ جو ٽنڊو مشهور ٿيو. اهو علائقو هاڻي ڊفينس ۾ ليکجي ٿو. مٿي ٽڪر تي يونيورسٽيءَ جي اولهه طرف ’اميدن ڀرئي‘ جي مقبري کان وٺي ڪليڪٽريءَ تائين وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاريءَ جو ’ٽنڊو نواب ولي محمد‘ آباد هو. انگريزن جي قبضي بعد اها آبادي موجوده ٽنڊي ولي محمد واريءَ جاءِ تي منتقل ڪئي وئي، هيٺ ڏکڻ طرف مير غلام حسين خان ٽنڊو غلام حسين ٻڌو. قلعي ۽ شهر کان اوڀر طرف مير محمود خان جي حويلين ۽ اوطاقن پويان ٽنڊو مير، مير محمود قائم ٿيو. ان جي اتر طرف حڪيم ۽ وزير آغا اسماعيل شاهه ۽ سندس اولاد جي پاڙي جي نالي پويان ’ٽنڊو آغا‘ قائم ٿيو. اتان موجوده ريلوي کان ڏکڻ طرف محمد يوسف خدمتگار ٽنڊو يوسف ٻڌو. ٽنڊي مير محمود خان جي اولهه ۾ طيب خذمتگار ٽنڊو طيب ٻڌو، نواب محمد خان ٽالپر جي نالي پويان ڦليليءَ جي اوڀرندي طرف ٽنڊو ٺوڙهو مشهور ٿيو. مير شهداد خان جي ماڻهو الهداد چنڊ، سندس ڳوٺ نسبتن پوئين دور ۾ ٻڌو. ساڳيءَ طرح اولهندي پاسي ٽنڊو مير نور محمد خان به پوئين دور ۾ ٻڌايو ويو.
اهو سمورو ٽالپوري عهد ۾ حيدرآباد شهر ۽ ان جي چوڌاري آباديءَ جو خاڪو آهي. ٽالپر دور جي خاتمي بعد مير عبدالحسين خان ’سانگيءَ‘ جي مجلس شاعرن ۽ اديبن سان سينگاريل رهي. ٻاهرين شهر ۾ نئين سر هن سرزمين تي ادبي ذوق جاڳائڻ خاطر هتان جي توڙي ٻاهر جي شاعرن ۽ سخن سنج صاحبن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ادبي محفلن قائم ڪرڻ ۽ مشاعرن منعقد ڪرڻ جي سڀ کان اول ڪوشش غالباً مرحوم قاضي امام علي
صاحب ڪئي. نواب جي چاڙهيءَ تي سندس اوطاقن 1870ع کان 1880ع واري عرصي ۾ خاص طرح انهن ادبي محفلن ۽ مشاعرن جو مرڪز هئي. قاضي صاحب وقت بوقت شهر جي شاعرن کي دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گهرائيندڙ هو ۽ اتي نهايت دلچسپ مشاعرا ۽ شعر بازيون ٿينديون هيون. حيدرآباد جا هيٺيان شاعر انهن شاعرانه مجلسن ۾ خاص حصو وٺندا هئا:
(1) آخوند ميان محمد قاسم مرحوم هالائي، (2) سيد فاضل شاهه، (3) سيد غلام محمد شاهه ’گدا‘، (4) مرزا عباس دهلوي ’خورشيد‘ جو حيدرآباد هاءِ اسڪول ۾ فارسيءَ جو استاد هوندو هو ۽ سنڌيءَ ۾ به چڱو شعر چوندو هو، (5) حافظ عبدالله معذور، اصل ميرپور ساڪري تعلقي جو ويٺل، پر هن پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو حيدرآباد ۾ گذاريو، (6) آخوند محمد لقمان شيراڻي ’لقمان‘، (7) آخوند لطف الله شيراڻي ’لطف‘، (8) آخوند فقير محمد شيراڻي ’عاجز‘ ۽ (9) ميان محب علي ’محب‘ ٺاٺارو وغيره.
انهيءَ عرصي کان پوءِ هن شهر ٻه وڏا انقلاب ڏٺا آهن، 1843ع ۾ چارلس نيپيئر ذريعي انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. اهڙيءَ ريت انگريزن جي قبضي ۽ ورهاڱي جهڙيءَ طرح هتان جي نيڪي، اخلاق، تمدن، روايتن ۽ ثقافتي سطح تي جيتري قدر ڦيرو آندو، اوترو ئي حيدرآباد شهر جي در و ديوار کي تبديل ڪيو. انگريزن جي قبضي بعد حيدرآباد، حڪومت جو تختگاهه نه رهيو. هتان جا حڪمران قيد ٿي وڃي ڪلڪتي ۽ ٻين شهرن ۾ قيد جا ڏينهن ڪاٽڻ لڳا ۽ پويان قلعي واريون جايون ڦٽي ويون. حاڪمن جي وئي کان پوءِ نواب ۽ خدمتگار پڻ ڌڪجي پيا. هتان جا عالم ۽ اديب، آخوند ۽ طبيب ڏتڙجي ويا. نئين دور ۾ نوان قانون ۽ نوان لاڙا پيدا ٿيا. پراڻيءَ آباديءَ مان فقط هندو عامل ۽ ڀائيبند اوج کي پهتا ۽ سندن دولت سبب نيون جايون ۽ نوان پاڙا وڌيا. ڏکڻ طرف هيرآباد جو علائقو آباد ٿيو، ڌماڪي سبب قلعي جي ڏاکڻي پاسي کان ڊهي ويل حصي وٽان نئين آبادي ٿي جنهن ۾ هينئر ٽي نمبر تلاءَ، الله داد چنڊ ڳوٺ ۽ ان جي آس پاس وارو علائقو شامل آهي. اولهندو ڪچو ۽ صدر، ٻئي نوان علائقا آباد ٿيا. هن هنڌ تان قديمي واهه ڦليلي وهي ٿو. سرڪاري آفيسون، اسڪول، اسپتالون ۽ ڪاليج نئين دور جي ترقيءَ جا نشان بڻيا، حيدرآباد جو شهر ريلوي ذريعي لاهور ۽ بمبئي سان ڳنڍجي ويو.
انگريزن جي زماني ۾15 فيبروري 1906ع تي آچر جي رات ساڍي اٺين وڳي پڪي قلعي ۾ اوچتو بم ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب شهر جون ڪيتريون ئي عمارتون پٽ پئجي ويون. ڪيئي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، جنهن تي حيدرآباد جي ’ڪليڪٽر‘ ٿيل نقصان جي پورائي لاءِ ماڻهن کي سوا لک رپيا معاوضو ادا ڪيو، چئن ڏينهن جي لاڳيتي ڪوششن کان پوءِ آخرڪار باهه کي وسائي، بچيل بارود کي درياهه ۾ لوڙهيو ويو. ڌماڪي سبب جاين سان گڏ شاهي مسجد کي پڻ ڪافي نقصان پهتو. ان واقعي کان پوءِ برطانوي فوج کي قلعي کان ٻاهر ڪڍي موجوده ڇانوڻيءَ ۾ آباد ڪيو ويو. بعد ۾ قلعي جي ڊهي ويل پاسي نيون جايون جوڙايون ويون. هندو عامل ۽ ڀائيبند، جن هن شهر کي اوج بخشيو، تن ورهاڱي سبب هيءُ شهر خالي ڪيو ۽ سندن جاءِ اچي مهاجر آباديءَ والاري. 1947ع کان پوءِ حيدرآباد جي آدمشماريءَ ۾ گهڻو اضافو ٿيو آهي.پڪي قلعي ۾ رهندڙ ماڻهن جي منتقليءَ لاءِ نئين وسنديءَ طور هتي لطيف آباد جو علائقو آباد ڪيو ويو. 1988ع وارن لساني فسادن دوران حيدرآباد پڪي قلعي ۾ قائم قديم نوادرات جو ميوزم سڙي ويو، فسادن کانپوءِ سنڌي آبادي پراڻي شهر جي ڪن علائقن کي خيرباد چئي نيون بستيون وسايون. اڄ کان 25 سال کن اڳ ’قاسم آباد‘، سحرش نگر نالي نين وسندين جو واڌارو ٿيو. هن وقت به حيدرآباد شهر ۾ تيزيءَ سان نيون ڪالونيون قائم ٿي رهيون آهن.
حيدرآباد کي سنڌ جي اهم ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي حيثيت حاصل رهي آهي. 2008ع کان اڳ مٽياري، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان (هاڻوڪا ضلعا) به هن ۾ شامل هئا، پر پوءِ اهي الڳ الڳ ضلعا ٺاهيا ويا. ضلعي حڪومت حيدرآباد جي انگن اکرن موجب شهر جي آبادي 2 لک کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته وڪيپيڊيا موجب ان شهر جي آبادي 3034890 آهي. حيدرآباد جي ڪل پکيڙ 3198 چورس ڪلو ميٽر آهي. حيدرآباد ضلعي ۾ ڪل چار تعلقا آهن: (1) حيدرآباد شهر، (2) حيدرآباد ٻهراڙي، (3) لطيف آباد ۽ (4) قاسم آباد. 1958ع ۾ ٿر به هن ضلعي سان شامل هو، جڏهن ته بدين کي 1970ع ۾ الڳ ضلعو ٺاهيو ويو. هتي مسلمان 86 سيڪڙو، هندو 12.02 سيڪڙو، عيسائي 1.75 سيڪڙو، احمدي 013 سيڪڙو ۽ ٻين مذهبن وارا 0.10 سيڪڙو رهن ٿا. حيدرآباد شهر ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 60 سيڪڙو، جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد 27 سيڪڙو، پنجابي 5.2 سيڪڙو، پشتو 2.78 سيڪڙو، بلوچي 1.20 سيڪڙو، سرائيڪي 0.96 سيڪڙو آهي.
هيءُ شهر هوائن ۽ منگهن جي ڪري مشهور رهيو آهي، ڇا ڪاڻ جو ورهاڱي کان اڳ جي ٺهيل عمارتن جي ٺهيل ڇتين تي منگهه هوندا هئا، جنهن مان تازي هوا ايندي هئي، جن جا خاص نمونا اڄ به هيرا آباد واري علائقي ۾ ٺهيل جڳهين تي خوبصورتيءَ جو منظر پيش ڪن ٿا. حيدرآباد جا قديم پاڙا سوڙها ۽ ڳتيل هئا. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ جديد تعميرات ۾ تبديلي آئي آهي. نئين آباديءَ ۾ لطيف آباد، قاسم آباد، وحدت ڪالوني، بئراج ڪالوني، ڀٽائي نگر، ڀٽائي ٽائون، سٽيزن، گلستان سجاد ۽ سائيٽ جا علائقا شامل آهن. هن وقت حيدرآباد جو نئون شهر ’حيدرآباد نيو سٽي‘ جي نالي سان هٽڙي باءِ پاس جي لڳو لڳ آباد ٿي رهيو آهي.
صنعتون: پاڪستان قائم ٿيڻ وقت هتي ڪي ننڍا ننڍا ڪارخانا هئا، پر هن وقت هيءُ شهر هڪ وڏي صنعتي مرڪز جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. هتي چوڙين، سيمينٽ، ڪپڙي، ڪاسميٽڪس، پلاسٽڪ، اجرڪ سازي، رنگ سازي،شيشي سازي، بناسپتي گيهه، چمڙي، صابڻ. پني، پلاسٽڪ، چيني جي ٿانون ٺاهڻ،چمڙي، فرنيچر سازي ۽ جتين جا وڏا ڪارخانا آهن. ان کانسواءِ غاليچن ٺاهڻ ۽ ٻئي هٿ جي هنر جو ڪم به هتي جي صنعت ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. حيدرآباد چوڙين ٺاهڻ جي صنعت ۾ ملڪ ۾ پهرئين نمبر تي آهي. تازو هتان گئس جا تمام وڏا ذخيرا هٿ ڪيا ويا آهن. حيدرآباد زرعي پيداوار جي لحاذ کان نهايت اهم آهي. هتي دالين، چانورن، ميون ۽ ڪپهه وغيره جا فصل ٿين ٿا.
تعليمي ادارا: تعليمي لحاظ کان به هيءُ شهر نمايان رهيو آهي. هن وقت شهر ۾ خاص طور هيٺيان تعليمي ادارا قائم آهن: سنڌ يونيورسٽي (ايلسا قاضي ڪئمپس: 1951ع)، سنڌ لا ڪاليج، ٽريننگ ڪاليج، گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1، گورنمينٽ سچل سرمست آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج، اسرا يونيورسٽي، پريسٽن يونيورسٽي، الخير يونيورسٽي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، زيبسٽ ڪاليج، پبلڪ اسڪول، سنڌ هوميوپيٿڪ ميڊيڪل ڪاليج، پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج، وومين ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر، نور محمد هاءِ اسڪول، مسلم سائنس ڪاليج، سنڌ يونيورسٽي لا ڪاليج. نذرت گرلز ڪاليج، گورنمينٽ زبيده ڪاليج، گورنمينٽ ڪالي موري ڪاليج، فائونڊيشن پبلڪ اسڪول وغيره، حيدرآباد ۾هائير سيڪنڊري بورڊ سميت ٻيا به ڪيترائي خانگي توڙي سرڪاري تعليمي ادارا موجود آهن.
صحت مرڪز: لياقت ميڊيڪل ڪاليج اسپتال، اسريٰ اسپتال، راجپوتانا اسپتال، آغا خان هيلٿ سينٽر، ڀٽائي اسپتال،الله بچايو ميمڻ اسپتال، نسيم ميڊيڪل سينٽر، محمود اسپتال، غني اسپتال، عباسي اسپتال، اکين جي اسپتال، سي. ايم. ايڇ. اسپتال، هلال احمر اسپتال، جيجل ماءُ اسپتال، عاصم ڪلنيڪ، مهراڻ ڪلينڪ ۽ ٻيا ڪيترائي مرڪز صحت جي شعبي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن.
حيدرآباد ۾ شهر جون مشهور چاڙهيون:
ڏتل شاهه يا دو قبر واري چاڙهي: حيدرآباد ۾ قلعي جي اوڀرندي طرف بخاري ساداتن مان هڪ بزرگ ڏتل شاهه بخاري جو مقبرو آهي، جنهن سبب هن چاڙهيءَ جو نالو ڏتل شاهه پيو. پوءِ هتي ٻه قبرون وجود ۾ آيون، جن جي باري ۾ متضاد ڳالهيون ٻڌجن ٿيون، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اهي پاڪستان جي وجود کان ڪيترائي سال پوءِ ٺهيون، پهرين صرف اتي مٽي جو دڙو هوندو هو. جڏهن ته ڪجهه روايتن موجب هتي مٽيءَ جون ٻه قبرون ٺهيل هيون، جن جي ماپ عام قبرن کان ننڍي هئي. هاڻي اهي قبرون پڪيون جوڙيون ويو آهن. انهيءَ سبب هن چاڙهيءَ جو نالو دو قبر واري چاڙهي سڏجي ٿو.
ٺوڙها چاڙهي: مير مراد علي ٽالپر جي اميرن مان (مير فتح محمد خان جو پٽ) نواب خير محمد خان کي گنجو هجڻ سبب ٺوڙهو چيو ويندو هو ۽ هي انهيءَ چاڙهيءَ جي اترئين طرف رهندو هو. ان ڪري ان چاڙهيءَ جو نالو ٺوڙها چاڙهي پيو. ٽنڊو ٺوڙهو به انهيءَ ٽالپر جي نالي سان مشهور آهي. هن وقت حيدرآباد جي هي چاڙهي فقير جي پڙ واري چاڙهيءَ جي نالي سان مشهور آهي.
هوم اسٽيڊ هال چاڙهي: انگريز دؤر جي مشهور سرجن هوم اسٽيڊ جي خدمتن جي مڃتا طور حيدرآباد جي رهواسين ويهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ هڪ هال جوڙايو هو، جيڪو هن وقت به قائم آهي ۽ هن هال ۾ ميونسپالٽيءَ جون آفيسون آهن. هن چاڙهيءَ کي هوم اسٽيڊ هال جي ڪري، هوم اسٽيڊ چاڙهي سڏيو وڃي ٿو. هن چاڙهيءَ تي حيدرآباد جي خوبصورت عمارت ’مکي محل‘ به واقع آهي، جتي هاڻي ڇوڪرين جو اسڪول قائم ڪيو ويو آهي.
ڀائي خان جي چاڙهي: هيءَ چاڙهي تلوارون ۽ ٻيا جنگي اوزار ٺاهيندڙ ڀائي خان جي نالي سان مشهور آهي.
پکا پير چاڙهي: هيءَ چاڙهي، ڪوه نور پلازه کان ريشم گهٽيءَ تائين پکڙيل آهي. هن جي اولهندي حصي ۾ پکا پير جي مزار آهي، جنهن ڪري هن جو نالو پکا پير چاڙهي پيو. هن مزار جي ڀرسان اڳ ۾ هڪ جيل خانو هوندو هو، جنهن ۾ ميان سرفراز ڪلهوڙي کي قيد ڪيو ويو ۽ پوءِ کيس اتي ئي شهيد ڪيو ويو. هاڻي ان جاءِ جي ڀرسان ليڊي ڊفرن اسپتال قائم آهي.
بوچالو شاهه جي چاڙهي: حيدرآباد شهر ۾ اين. ٽي. هوپفل اسڪول جي ڀرسان هڪ چاڙهي مٿي وڃي ساٽي پاڙي تائين پهچي ٿي، جتي بوچالو شاهه جي مزار آهي. حيدرآباد جا رهواسي هاڻي ان کي بچل شاهه جي چاڙهي به ڪري سڏين ٿا.
ڇوٽڪي گھٽيءَ واري چاڙهي: هي چاڙهي حيدرآباد جي مشهور بازار آهي، جتي ڏينهن ۾ هزارين ماڻهو خريداري ۽ وڪري لاءِ اچن ٿا. هي چاڙهي ڇوٽڪي گھٽي واري چاڙهي جي نالي سان ئي مشهور آهي.
سومرا چاڙهي يا زبيده ڪاليج واري چاڙهي: هي چاڙهي زبيده ڪاليج کان هيٺ پٺاڻ ڪالونيءَ تائين آهي، جيئن ته سومرا قاسم چوڪ جي ويجھو رهندا هئا، اهي هن چاڙهيءَ تي ايندا ويندا هئا، جنهن ڪري هن چاڙهيءَ جو نالو سومرا چاڙهي پيو، پر هاڻي ڇوڪرين جي ڪاليج هئڻ ڪري هن کي زبيده ڪاليج واري چاڙهي به سڏيو وڃي ٿو.
حر ڪئمپ واري چاڙهي: حيدرآباد ۾ ڪلهوڙن جي مزار جي ويجھو هيٺئين طرف هڪ چاڙهي آهي، جنهن کي حر ڪئمپ چاڙهي سڏيو وڃي ٿو.
هوائي اڏي واري چاڙهي: هيءَ چاڙهي لطيف آباد نمبر 10 جي آخر ۽ لطيف آباد نمبر 11 جي شروعات وٽ آهي، اها چاڙهي گنجي ٽڪر طرف وڃي ٿي، ان کي هوائي اڏي واري چاڙهي سڏيو وڃي ٿو.
مرشد آباد واري چاڙهي: هي چاڙهي ٽنڊي محمد خان روڊ تي سائيٽ ٿاڻي کان ٿورو اڳتي ساڄي طرف مٿي چڙهي ڪسٽم هائوس طرف وڃي ٿي، ان کي مرشد آباد واري چاڙهي سڏيو وڃي ٿو.
چيتل يا چٽيل هميراڻي چاڙهي: هيءَ چاڙهي ڪلاٿ مارڪيٽ جي سامهون حافظ مبارڪ اسپتال جي ڀرسان آهي، هتي ڪنهن وقت هميراڻي قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا، ان ڪري هي چيتل ۽ چيٽل هميراڻي جي نالي سان مشهور آهي. هنن چاڙهين کانسواءِ سخي پير چاڙهي، هيمونءَ جي چاڙهي، ڪاري موريءَ واري چاڙهي، قدم گاهه مولا علي واري چاڙهي، عيد گاهه چاڙهي، هل ٽاپ چاڙهي، جئمخانه واري چاڙهي، ڪاف ڪاٺ واري چاڙهي، وغيره قابلِ ذڪر آهن. شهر ۾ حيدر چوڪ، قاسم چوڪ ، پونم پيٽرول پمپ چوڪ، گدو چوڪ، الله والا چوڪ وغيره نالن سان مکيه چوراها آهن.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن جي قيام لاءِ 1951ع کان ڪوشش ڪئي وئي ۽ 1954ع کان باقائده نشريات جو آغاز ٿيو. پهريان هوم اسٽيڊ هال مان پروگرام نشر ٿيندا هئا، اڳتي هلي هاڻوڪي جنرل پوسٽ آفيس سامهون ريڊيو اسٽيشن جي عمارت جڙي. هتي ايف ايم 101 جي نشريات به گذريل ڏهن سالن کان هلي رهي آهي. ان کانسواءِ نجي ايف. ايم چئنل سچل 105 جي نشريات به حيدرآباد ۽ پسگردائي ۾ ٻڌي وڃي ٿي.
1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪراچيءَ مان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، هاڻوڪي اولڊ ڪئمپس واري عمارت ۾ يونيورسٽيءَ جو آغاز ٿيو، بعد ۾ 1961ع ڌاري ڄام شوري ۾ وسيع ايراضيءَ تي هيءَ عظيم درسگاهه منتقل ڪئي وئي.
علمي ادبي ادارا: سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي نروار ڪرڻ لاءِ هتي صوبائي سنڌ ميوزم قائم ڪيل آهي، جيڪو راڻي باغ ڀرسان قومي شاهراهه تي واقع آهي. سنڌ ميوزيم سان گڏوگڏ ڊاڪٽر دائود پوٽه لائبريري ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جون عمارتون به واقع آهن. 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي پهرين آفيس به حيدرآباد ۾ قائم ٿي هئي، جنهن بعد سنڌ ۾ ادبي ۽ تاريخي اشاعت کي هٿي ملي، ادبي بورڊ هاڻي ڄامشوري ۾واقع آهي. هتي سنڌي ادب کـي فروغ ڏيندڙ پبليشنگ ادارا، روشني پبليڪيشن، سنڌي ساهت گهر
ڪويتا پبليڪيشن، سورج پرنٽرز سميت ڇپائيءَ جا انيڪ ادارا قائم آهن. مشهور ديني عالم مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي ڪوششن سان حيدرآباد ۾ شاهه ولي الله شاهه اڪيڊمي به قائم ٿي.
سنڌي اخبارون: حيدرآباد ۾ نڪرندڙ روزاني اخبارن ۾ ’عبرت‘، ’ڪاوش‘، ’مهراڻ‘، ’سنڌ‘، ’تعمير سنڌ‘، ’ڪوشش‘، ’هلچل‘، ’سچ‘، ’سنڌو‘، ’خادم وطن‘، ’برسات‘، ’سُڪار‘، ’نواءِ سنڌ‘، ’شام‘، ’سوڀ‘ ۽ ’گراف‘ سميت ٻيون ننڍيون وڏيون سنڌي ۽ اردو اخبارون شامل آهن. راندين لاءِ هتي بين الاقوامي طرز جو راندين وارو گرائونڊ نياز اسٽيڊيم، ڊي سي ڊي گرائونڊ، پولو گرائونڊ، واپڊا گرائونڊ واقع آهن. حيدرآباد ۾ ريلوي اسٽيشن ۽ هڪ هوائي اڏو پڻ واقع آهي. ايئر پورٽ ڪجهه عرصو بند رهڻ بعد ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي. شهر ۾ خانگي ٽرانسپورٽ لاءِ ٻه وڏا بسن وغيره جا اڏا: ’ٻڪرا پڙي اسٽاپ‘ ۽ ’بدين اسٽاپ‘ آهن، جتان سنڌ جي مڙني شهرن توڙي ملڪ جي چئني صوبن لاءِ خانگي روڊ ٽرانسپورٽ هلي ٿي. هن شهر کي ڪوٽڙي بئراج، ڄامشوري ۽ ڪوٽڙي شهرن سان ڳنڍي ٿو. ماڻهن جي سير ۽ تفريح لاءِ ’راڻي باغ‘ کي پڻ ڪافي اهميت حاصل آهي. هيءَ باغ شهري حڪومت جي انتظام هيٺ آهي. هيءَ باغ اٽڪل 80 ايڪڙن تي مشتمل آهي.
حيدرآباد جي تاريخ ۽ جاگرافي بابت ڪيترائي ڪتاب پڻ شايع ٿيا آهن. قمر الدين بوهري جو حيدرآباد بابت پي. ايڇ. ڊي مقالو پڻ شايع ٿيل آهي ان کانسواءِ حسين بادشاهه ۽ عشرت علي خان پڻ حيدرآباد جو تاريخي ۽ سماجي منظر نامو ڪتابي صورت ۾ سهيڙيو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ حيدرآباد تي جامع مقالو پڻ ڇپيل آهي ان کانسواءِ ڀيرومل آڏواڻي، مرزا حبيب الله، قمر جهان مرزا ۽ نور محمد ڀُٽي پڻ حيدرآباد تي تحقيقي مواد پيش ڪيو.


لفظ حيدرآباد ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو