
حيدرآباد شهر-ٽالپرن جي دؤر ۾
حيدرآباد شھر-ٽالپرن جي دؤر ۾ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب، ٽالپرن جي دؤر ۾ حيدرآباد شھر جي حالتن تي لکيل نهايت ئي اهم تاريخي دستاويز آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي استاد ڊاڪٽر پروفيسر قمر جھان مرزا جو لکيل آهي. هيءُ ڪتاب ليکڪہ جو پي. ايڇ. ڊي تي لکيل تحقيقي مقالو هو. هيءُ ڪتاب هيٺين چئن بابن ۾ ورهايل آهي: (1) حيدرآباد شھر جو تاريخي پسمنظر ۽ جاگرافي، (2) ٽالپرن جي حسب نسب جي مختصر تاريخ، (3) ٽالپر حاڪمن ۽ شهزادن جي مختصر سوانح حيات ۽ (4) ٽالپرن جي دؤر ۾ ملڪي انتظام ۽ حيدرآباد شھر جي اقتصادي حالت. هن ڪتاب ۾ حيدرآباد شھر ۽ ٽالپرن جي دور حڪومت تي ڀرپور علمي معلومات ڏنل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سال 1987ع ۾ امداد علي مرزا ٽنڊي آغا حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪچي جلد سان، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪُل 152 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت 25 رپيا آهي.