حيدري ڦاٽ

حـيـدري ڦـاٽ: هيءُ ڳوٺ تعلقي گهوڙا ٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ آباد آهي. هتي پراڻي وقت ۾ سيٺ منگهن مل نالي هڪ هندو اڏيري لعل جو مندر جوڙايو، جنهن تان ڳوٺ جو نالو ئي اڏيرو لال پئجي ويو. هتي حيدرآباد واري اڏيري لال (جهولي لال) هندن جي اوتار جي عقيدت ۾ چيٽيءَ چنڊ جو ميلو وڏي ڌام ڌوم سان لڳندو آهي. هن ڳوٺ وٽان درياھہ ڦٽي ٻن ڦاٽن ورهائجي وڃي ٿو. مقامي طور تي درياھہ جي انهن ٻنهي ڦاٽن مان ساڄي طرف واري ڦاٽ کي اوچتو ۽ کاٻي طرف واري ڦاٽ کي حيدري نالي سان سڏيندا آهن، جڏهن تہ ٻنهي شاخن کي ٻہ درياهي بہ چوندا آهن. هاڻوڪي ٽڪنڊياري ڊيلٽا جو مٿ بہ انهيءَ ٻہ درياهي وٽان شروع ٿئي ٿو. پراڻي زماني ۾ پير پٺو ۽ ننگر ٺٽو بہ ڊيلٽا جي اندر هوندا هئا پر اڳتي هلي درياھہ جا ٻہ ڦاٽ گهاري وارو کار ۽ بگهاڙ واھہ لٽجي ويا تہ ننگر ٺٽو بہ ڊيلٽا کان ٻاهر ٿي ويو. حيدري ڦاٽ ڪيٽي بندر ۽ شاھہ بندر ٻنهي جي وچان وهي ٿو. حيدري ڦاٽ کان اٺ ڪوھہ پري درياھہ کي مٽڻي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. مٽڻي کان ڇھہ ڪوھہ پري درياھہ کي ٻيو بہ هڪ ڦاٽ آهي، جيڪو سڏبو ئي ڦاٽ آهي. ان هنڌ تي ڦاٽ نالي سان ڳوٺ بہ آباد آهي. انهيءَ ڳوٺ جي آمهون سامهون ڳوٺ کاروڇاڻ آهي. حيدري ڦاٽ جي پڇريءَ مان ”ميرواھہ“ ۽ ’قلندري‘ ڦاٽ نڪرن ٿا، جيڪي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. ميرواھہ ڦاٽ کاري ڇاڻ کان ٻہ ڪوھہ مفاصلي تي آهي، جتان کانسواءِ ميل پري درياھہ کي ”واهڻ“ چيو وڃي ٿو. ائين چپي چپي تي درياھہ جا ٻيا نالا ورتا وڃن ٿا. ميرواھہ ۽ واهڻ جي وچ ۾ سوکي نالي ڳوٺ آباد آهي. جتي سارين جو واپار گهڻو ٿئي ٿو. کاري ڇاڻ ۽ ڳوٺ سوکيءَ ۾ چانورن ڏرڻ ۽ ڇڙڻ جون مشينون بہ آهن. ڳوٺ سوکي وٽان واهڻ ڦاٽ مان هڪ شاخ ٽٽي ٿي تنهن کي سنهڙي چوندا آهن. گهڻو وقت اڳ سوکيءَ کان ست ڪوھہ اوري حيدري درياھہ مان ’مـَل‘ درياھہ وهـندو هو، پر هاڻي اهو ڦٽي ويو آهي. ميرواھہ واهڻ ۽ سنهڙي اهي ٽيئي، واسو کاريءَ مان لنگهي عربي سمنڊ ۾ وڃي پون ٿا. هي ٻيو درياھہ بہ ڦاٽ مان لنگهي ڪيٽي بندر ڏانهن وڃي ٿو. تنهنڪري ڪيٽي بندر ٻن درياهن جي وچ ۾ آهي. ڪجهہ وقت کان ڪراچيءَ مان کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر طرف لاريون وڃن ٿيون، انهي ڪري آمد رفت جي گهڻي سهوليت آهي.


لفظ حيدري ڦاٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو