
حيدر منزل ڪراچي
حيدر منزل ڪراچي: حيدر منزل، ڪراچيءَ جي مسلم هائوسنگ سوسائٽي، نشتر پارڪ جي سامهون سنڌ جي قومي سياستدان جي. ايم سيد ۽ اُن جي خاندان جي تاريخي رهائش گاھہ آهي. سوسائٽي 1932ع ۾ سيٺ طيب علي قائم ڪئي هئي، جتي سنڌ جي مختلف علائقن مان صاحبِ وسعت شخصيتن، خاص ڪري مسلمان زميندارن ۽ سياستدانن کي پنهنجا رهائشي بنگلا ٺهرائڻ جو موقعو مليو. سيٺ طيب عليءَ هتي بنگلن ٺهرائي ڏيڻ لاءِ بئنڪ مان قرض بہ وٺرائي ڏنو. هتي سر شاهنواز خان ڀٽي ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي بہ بنگلا ٺهرايا هئا. ڪجهہ اهم سنڌي آفيسرن بہ بنگلا ٺهرايا. سر شاهنواز ڀٽي ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي پنهنجا بنگلا اڳتي هلي وڪڻي ڇڏيا، پر جي. ايم. سيد پنھنجي بنگلي کي ’حيدر منزل‘ جو نالو ڏئي، سنڌ جي سياست جو مرڪز بڻايو. حيدر منزل ۾ ورهـاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ جا مشھور سياستدان، اديب ۽ دانشور گڏ ٿيـنـدا رهيا. حيدر منـزل ۾ مولانا ابو الڪلام آزاد، نارائڻ داس بيچر، شھيد الھہ بخش سومري، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، ميان افتخار احمدي، خان عبدالغفار خان، خانبهادر محمد ايوب کهڙي، ميران محمد شاھہ، خان عبدالحميد خان جتوئي، عطاءُ ﷲ خان مينگل، محمود اچڪزئي، نواب خيربخش خان مري، سردار غوث بخش خان بزنجو، ممتاز دولتانه ۽ ٻين سياستدانن برصغير، پاڪستان ۽ سنڌ جي قسمت جا فيصلا هن هنڌ تي ويهي ڪيا. ائنٽي ونيونٽ فرنٽ، سنڌ متحدہ محاذ، نيشنل عوامي پارٽي، جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ قومي اتحاد، توڙي هاڻي سنڌ بچايو ڪميٽيءَ جـا اجـلاس حيــدر مـنـزل ۾ ٿيندا رهيا آهن. هتي ئي سنڌ اسيمبليءَ جي جوڙ توڙ جا فيصلا ٿيا، ونيونٽ مخالف معاهدا ٿيا. ان ڪري حيدر منزل کي سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ اهم حيثيت حاصل رهندي آئي آهي. هن وقت جي. ايم. سيد جو پوٽو سيد جلال محمود شاھہ، سنڌ جي بنيادي مسئلن تي مشاورتي اجلاس ۽ گڏجاڻيون هتي ئي ڪرائيندو رهي ٿو.