حيدر ڪرار

حيدر ڪرار (لقب): حيدر معنيٰ شينهن آهي. حضرت علي ڪرم وجهہ جو هيءُ نالو سندس والدہ حضرت بيبي فاطمہ بنت اسد رضہ رکيو هو. ستين هجريءَ ۾ خيبر جي جنگ ۾ حضرت علي رضہ مرحب يهوديءَ جي پڙهيل رجز جي جواب ۾ پنهنجو نالو حيدر هيئن استعمال ڪيو:
انَا الّذِي۫ سَمّيت۫نِي اُمّيِ حَي۫درَه۫،
اَکي۫لُکُم۫ بِالسّي۫فِ کَي۫لَ السّـن۫دَرَه۫،
لَي۫ث۫ بِغَابَاتِ شَدِي۫د قَس۫وَرَه۫.
[ترجمو: آءٌ اهو آهيان جو منهنجي ماءُ منهنجو نالو ’حيدر‘ رکيو آهي، آءٌ توکي تلوار جي وڏي پيماني تي ماپيندس (يعني تلوار جي ڌار جي هيٺان رکي توکي سري عام قتل ڪندس)، آءٌ جهنگ جو سخت بي پرواھہ شينهن آهيان.]
حضرت علي ڪرم وجهہ، حيدر ڪرار جي لقب سان خيبر جي فتح ۽ شجاعت سبب عام ٿيو. خيبر جي فتح جي موقعي تي حضور صہ جن فرمايو تہ: ”لاَد۫فَعَنّ الرّايَةَ غَدًا ان۫ شاءَ اللهُ اِليٰ رَجُل کَرّارً غَي۫رَ فَرّارً يُحِـُّب اَلله وَ رَسُو۫لَھ۬ وَيُحِبّھُ اللهُ وَ رَسُو۫لُھ۬ لاَيَن۫صَرِفُ حَتّيٰ يَف۫تَحَ اللهُ عَلَيَ يَدِهۭ“ (ترجمو: آئون انشاءَ سڀاڻي جهنڊو انهيءَ مرد جي حوالي ڪندس جيڪو ڪرار (وڌي وڌي حملي ڪرڻ وارو) ۽ نہ ڀڄڻ وارو هوندو. هو ۽ ان جي رسول صہ سان محبت ڪندڙ هوندو. ۽ ان جو رسول صہ ان سان محبت ڪندڙ هوندا. اهو ميدان مان ان وقت تائين واپس نہ ايندو جيستائين ان جي هٿان (خيبر) فتح نہ ڪرائي. (حوالو: دائره معارف اسلاميہ ص 735) (وڌيڪ ڏسندا: علي عليہ السلام)


لفظ حيدر ڪرارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو