حـُر: حــُر عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’آزاد‘، ۽ ان جو جمع ’احرار‘ آهي. حر لفظ جي لغوي معنيٰ ٿيندي، اهو شخص جيڪو ڪنهن جو ٻانهو يا غلام نه هجي. حضرت امام حُسينعه جي مقابلي ۾ ميدانِ ڪربلا ۾، يزيد جي موڪليل لشڪر جو هڪ سِپهه سالار جو نالو ’حُر‘ جيڪو بعد ۾ امام حُسينعه جي پاسي آيو ۽ يزيدي لشڪر خلاف بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيو. شاهه عبداللطيف به چيو آهي ته:
هئي هدايت حُرُ کي، اَزل ۾ اصلا،
حــُر هلي آيو، مانجهي مردانو.
اسلامي تاريخ ۾ حُر ويجهي ماضيءَ ۾ لفظ بهادري، غيرت ۽ شجاعت جي نشاني آهي. ڪربلا کان پوءِ ’حُر‘ جو لفظ سنڌ جي ’ڪنگريءَ‘ واري علائقي ۾ گونجيو، جڏهن پاڳارا پيرن جي پوئلڳ مُريدن، آزاديءَ خاطر، مُرشدن جي امر تي لبيڪ چئي، وقت جي غاصب حڪمرانن خلاف گوريلا جنگ ڪئي ۽ پنهنجي سرن جا نذرانا پيش ڪري ڌرتيءَ کي رَتُ جو ريج ڏنو.
حُر جماعت ۾ مسلمانن جي مختلف قبيلن، قومن ۽ ذاتين جا ماڻهو شامل آهن، جيڪي سمورا ’حُر‘ سڏبا آهن. شاهه مردان شاهه ’ثاني‘ (ستين پاڳاري)، پنهنجي ’حُرن‘ جو هڪ وڏو جٿو، پاڪستاني فوج جي حوالي ڪيو هو، جيڪو ’حُر مجاهد‘ ۽ ’حُر فورس‘ طور سڏيو ويو.
حُر فورس جا اهي جوان 1965ع ۽ 1971ع جي پاڪ ڀارت جنگين ۾ وڏي بهادري ۽ حُب الوطني جي جذبي تحت وڙهيا ۽ ڪيئي معرڪا فتح ڪيا ۽ پنهنجي ’حُريت‘ جو ثبوت ڏنائون.