حُرمت شيدڻ: سماجي خدمتگار عورت، حرمت شيدڻ، 1922ع ڌاري جيڪب آباد شھر ۾ ڄائي. هيءَ دائپو ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندي هئي. کيس هميشہ مرداڻا ۽ سفيد رنگ جا ڪپڙا پاتل هوندا هئا. سندس سماجي خدمتن عيوض جيڪب آباد واسين کيس ڪيترا ڀيرا ميونسپل ڪميٽيءَ جو ڪائونسلر چونڊيو. شادين مرادين ۾ عورتون کيس خاص مهمان طور گهر وٺي وينديون هيون. هڪ ڀيري نور واھہ وارين شاخن تي ٻن چورن کيس ڦُرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن دلير عورت ٻنهي کي ماري ڪٽي ٻڌي اچي ٿاڻي ۾ پيش ڪيو. هڪ ڀيري هڪ چور سندس گهر ۾ گهڙيو، جنهن کي بہ پڪڙي ورتائين. شيدين جي رواج مطابق هر سال پنھنجي خاندان جي ڪجهہ عورتن ۽ مردن کي گڏائي ڌمال ڪرائيندي هئي ۽ ميلو بہ لڳرائيندي هئي. ان موقعي تي ڪوڏين جون ڇيرون، دف ۽ دهل وڄرائي شيدڪو ناچ ڪرائيندي هئي. سڄي عمر شادي نہ ڪيائين. هن عمر جي پوئين حصي ۾ ٻہ حج بہ ڪيا. 1977ع ۾ وفات ڪيائين.