حُرن جو ڪوٽ

حُرن جو ڪوٽ: هيءُ ڪوٽ تعلقي وارھہ، ضلعي قنبر-شھداد ڪوٽ جي جوڻاڻي بنگلي کان ٻہ ميل اولھہ طرف واقع آهي. هيءُ ڪوٽ انگريزن، حُرن جي تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ ڪيترن ئي ايڪڙن جي ايراضيءَ تي هڪ وڏي قلعي نما ڪوٽ جي صورت ۾ ٺهرايو هو. هن ڪوٽ ۾ باغي حُرن کي ٻارن ٻچن سميت واڙي رهايو ويندو هو. هيءُ ڪوٽ 43-1942ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. 1948ع ۾ کير ٿر جبل جي برسات جي پاڻيءَ جي ٻوڏ سبب هي ڪوٽ ختم ٿي ويو. (وڌيڪ ڏسو: حر ڪئمپ1)


هن صفحي کي شيئر ڪريو