
جوهيءَ واري حر ڪئمپ جو مک دروازو ۽ آثار
حُر ڪئمپ: جوهي شھر کان اوڀر- اتر ۾ اٽڪل پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، جوهي بئراج مان نڪرندڙ هڪ شاخ ڀر سان موجود حرن جو هيءُ لوڙهو (Concentration Camp) اٽڪل ويهن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي. لوڙهو ٻن حصن ۾ قائم هو. هڪ حصي ۾ باندي ڪٽنبن کي رکيو ويندو هو ۽ ٻئي حصي ۾ سرڪاري عملدارن ۽ ڪارندن جون رهائش گاهون ۽ دفتر هئا. تباھہ ٿي ويل لوڙهي (ڪئمپ) جي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو تہ باندي ڪٽنبن جي رهائش وارو حصو، سرڪاري ڪارندن جي رهائش ۽ دفتر واري حصي جي نسبت ۾ وڏو هو. لوڙهي واري ڪوٽ جي پيڙھہ پڪسري آهي. ان ۾ پڪين سرن جو استعمال ٿيل آهي، پر پيڙھہ کان مٿي ڪوٽ ڪچو ۽ اوڏڪي تعمير وارو آهي. ڪوٽ کي اتر، اولھہ اوڀر ۽ ڏکڻ کان چار مک دروازا هئا، جيڪي پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان ونگن تي جُڙيل هئا. اولھہ وارو مک دروازو اڄ سوڌو موجود آهي. غالباً هن ڪوٽ توڙي ٻئي تعميراتي ڪم ۾ حُر مجاهدن کان پورهيو ڪرايو ويندو هو.
اڀرندي مک دروازي جو هڪ حصو اڄ سوڌو موجود آهي. ڪوٽ جي چئني ڪنڊن وٽ بُرج يا حفاظتي اڏاوت هئي، جنهن تي چوڪي قائم هوندي هئي. انهيءَ ڪوٽ جي اندر حر مجاهدن جا ڪٽنب واڙيل هئا. اهي جهوپڙين يا ڪمرن ۾ رهندا هئا، ان بابت وثوق سان ڪجهہ بہ چئي نہ ٿو سگهجي، ڇو تہ اهڙا ڪي بہ آثار هاڻي موجود ناهن. ڪوٽ اندر هڪ مسجد بہ تعمير ٿيل آهي، جيڪا هينئر زبون حال آهي. لوڙهي جي باندين واري حصي ۽ سرڪاري جيل جي وچ ۾ هڪ گهٽي يا گذر گاھہ هئي، جيڪا اولھہ ۽ اوڀر طرف کُلندي هئي. ڪوٽ جو ڏاکڻو مک دروازو، سرڪاري عملدارن جي رهائش ۽ دفتر جي اتر واري دروازي وٽ کليو ٿي. جيل خانو، دفتر ۽ عملدارن جون رهائشون الڳ چؤديواري ۾ هيون. حُرن جي لوڙهي کي چؤڦير گولبند (Ring Band) آيل هو، جيڪو غالباً ٻوڏن جي خطري کان ڏنو ويو هو. لوڙهي جي سرڪاري حصي کي، جنهن ۾ جيل ۽ ٿاڻو قائم هو، ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو. ڪمرن ۽ ڪوٽن جي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيل خانو ۽ رهائش وارا ڪمرا، جيڪي پڪا جوڙايل آهن، ننڍين چؤديوارين سان الڳ ڪيا ويا هئا. اهڙين ڪوٺين ۽ڪمرن جا آثار جيل خاني جي اولھہ ۽ اوڀر ٻنهي پاسن موجود آهن. جيل خاني ۽ ٿاڻي جي عمارت مضبوط ۽ پڪي سِرَ ۽ سيمينٽ جي ٺهيل آهي. جيل خاني جي عمارت کي ورانڊو بہ آهي تہ ان ۾ ٻہ پڪا ڪمرا بہ جوڙايل آهن. ورانڊي جي ڇت گارڊرن ۽ ٽيئرن سان تعمير ٿيل آهي. جيل جي ڪمرن جون ڇتيون کليل آهن، جن کي لوهي ڄارين سان بند ڪيو ويو آهي. انهن ڪمرن کي وري ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪمرن جا پويان حصا کولي يا ڪال ڪوٺڙيءَ جو ڏيک ڏين ٿا. جيل جي عمارت مٿان اتر- اوڀر واري ڪنڊ تي برج نما مورچو اڏيل آهي، جنهن وسيلي ڪئمپ جي ٻنهي حصن تي آسانيءَ سان نظرداري ڪئي پئي وئي. هن جيل خاني تي 1946ع جو سن لڳل آهي، جيڪو غالباً جيل خاني جي تعميراتي سال کي ظاهر ڪري ٿو. هن وقت هيءُ جيل خانو ’گورنمينٽ پرائمري اسڪول حُر ڪئمپ‘ طور قائم آهي.
هڪ اندازي موجب جوهيءَ واري هن لوڙهي ۾ حُر مجاهدن کي غالباً 1941ع کانپوءِ آڻي قيد ڪيو ويو هو. تاريخي طور حُر تحريڪ ۾ شدت ۽ حُر مجاهدن جي گرفتارين وارو زمانو 1940ع کان شروع ٿئي ٿو. حرن جي لوڙهن ۾ قيد ٿيڻ وارو ٻيو زمانو 1941ع کان ليکي سگهجي ٿو. هن ئي دور ۾ حُر ايڪٽ بہ مڙهيو ويو تہ مارشل لا پڻ لاڳو ڪيو ويو هو.
جوهيءَ واري ڪئمپ ۾ حُر مجاهدن، ڪٽنبن سميت قيد جون اذيتون سٺيون هيون. جوهي توڙي وارھہ وارن لوڙهن ۾ ڪيئي ماڻهو مري بہ ويا هئا، ڇا ڪاڻ تہ جيلن ۾ ڪو بہ ڊاڪٽر نہ هوندو هو. ڪيترن ماڻهن جو مال گم ٿي ويو. ڪن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون. قيدي حُرن جي هر روز حاضري ٿيندي هئي. مرد ۽ عورتون قطارن ۾ بيهاريا ويندا هئا. لوڙهي جو منشي، سندن حاضري وٺندو هو. جانورن جي ڳڻپ ٿيندي هئي. مال گم ٿيندو هو تہ سزا مالڪ کي ملندي هئي. پوليس جو پگهار حُرن جي ڪمائيءَ مان ڪڍيو ويندو هو. جوهيءَ واري لوڙهي ۾ حُرن جا ڪيترائي ڪٽنب قيدي بڻايا ويا هئا. قيد ۾ رهندي ڪيترا نفسياتي طور چيڙاڪ ۽ جهڳڙالو بہ بڻجي ويا هئا. سنڌ ۾ ٻين بہ ڪيترن هنڌن تي هُر جانثارن کي لوڙهن ۾ قيد ڪري انگريز حاڪمن اذيتون ڏنيون.
- حيدرآباد ۾ غلام شاھہ ڪلهوڙي جي مقبري واري هنڌ ۽ ان کان هيٺئين علائقي کي حُر ڪئمپ سڏيو ويندو هو ۽اڄ تائين اهو علائقو حر ڪئمپ سڏجي ٿو.