حُسيني، سُر: هيءُ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ سسئيءَ جي داستان جو هڪ سُر آهي، جيڪو راڳ جي ماهيت ۽ تاثير سان تعلق رکي ٿو. لطيفيات جي ماهرن موجب هيءُ سُرُ يارهين صديءَ عيسوي ڌاري سومرن جي اوائلي دؤر ۾ اُسريل داستان سسئي پنهونءَ سان تعلق رکي ٿو. هن سُر ۾ شاھہ سائينءَ، سسئي کي پنهونءَ لاءِ پهڻن مٿان پنڌ ڪندي، جبل جهاڳيندي ڏيکاريو آهي.
’سُر حسيني‘ داستانن ۽ بيتن جي لحاظ کان شاھہ جي رسالي جو وڏو سُر آهي، جنهن ۾ ڪل 12 داستان، 237 بيت ۽ 17 وايون شامل آهن. هن سُر ۾ سُڃ، رُڃ ۽ اُڃ جهڙين مصيبتن کي منهن ڏيندي سسئيءَ پاران پنهونءَ جي پويان ڪيل پنڌ جو ذڪر آهي. پنهونءَ جي ڳولا واري پنڌ ۾ سسئيءَ جو ثابت قدم رهڻ، عزم ۽ استقلال ۾ ذرو بہ نہ لڏڻ، دوزخ جهڙي ڏينهن جو سفر ڪرڻ، ڏکن باوجود ڏوراپو نہ ڏيڻ جو ذڪر نمايان ملي ٿو. شاھہ سائين هن سُر ۾ سسئيءَ جي ڪيفيت کي ان ريت بيان ڪيو آهي تہ هوءَ ٻن ڄيرن جي وچ ۾ آهي، هڪ رڻ جي تپش، ٻي عشق جي آتش. هن پنڌ ۾ جيسين جيئڻ آهي، تيسين جلڻ آهي.
جان جيئين تان جل، ڪانهي جاءِ جلڻ ري،
تتيءَ ٿڌيءَ هل، ڪانهي ويل ويهڻ جي.
-
جيئن جيئن ڀڄي رات، تئن تئن تاڻي پنَڌَ ۾،
ڀورِيءَ ٻي نہ تات، جيڪا سَا جَتَن جِي.
امام حسين عه جي نسبت سان هن سُر کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرحه سڃ، رڃ ۽ اُڃ جي اهڃاڻن سبب ’حسيني‘ سڏيو آهي.
’ڏورينديون ڏِسن، اڱڻ عجيبن جا‘
’سر حسينيءَ‘ ۾ مڪمل طور زندگيءَ جي جدوجھد جو درس ملي ٿو:
جئن جئن جهلي جڳُ، تئن تئن مون تاڪيدُ ٿئي،
ڳهرئو ٿو ڳالهيون ڪري ورسئو ڀڻي وڳ،
لوڪُ لَتاڙي ننڊَر ۾، پٺيءَ لالڻ لڳُ،
آريـاڻـي اورڳُ، ڀَنـڀــوران ٻـهــر ٿـــي.
(حوالو: بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ’شاھہ جو سڄو سربستو صحيح رسالو‘، سُر حسيني، بيت نمبر 12، صفحو نمبر 350)
هن سُر ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرحه سسئيءَ پاران پنهونءَ لاءِ پھڻ جهاڳي آخري دم تائين جهدوجهد ۾ رهڻ وارو موضوع چٽي جدوجھد جو فلسفو سمجهايو آهي.
(حوالو: بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ’شاھہ جو سڄو سربستو صحيح رسالو‘، سُر حسيني، بيت نمبر 24، صفحو نمبر 366)
حسيني نالي سان فارسي ۽ عربي شاعريءَ ۾ بہ هڪ سُر آهي جنهن ۾ ڪربلا جي شھيدن جا مرثيا ڳايا ويندا هئا.