حــٰم: حاميم لفظ قرآن مجيد جي هيٺين ستن سورتن جي شروع ۾ اچي ٿو: (1) ’سورة المؤمن‘، (2) ’سُورة فصلت‘، (3) ’سورة الشورى‘، (4)، ’سورة الزخرف‘، (5) ’سورة الدخان‘، (6) ’سورة الجاثيه‘ (7) ’سورة الاحقاف‘. انهن ستن ئي سورتن کي ، ’آل حٰم‘ يا ’ذوات حٰم‘ چيو وڃي ٿو. حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته هي ست ئي سورتون قرآن مجيد جو لب لباب آهن. قرآن مجيد جو ديباچو يا جمال ۽ رونق آهن.