حڪم بن عوانه الڪلبي

حڪم بن عوانه الڪلبي: بنو اميه دؤر (41ھہ/661ع- 132ھہ/749ع) جـو عـرب جـرنـيـل هـو، جـنـهن سنڌ تي ڪيترا حملا ڪيا هئا. هيءُ سنڌ جي گـورنـر تـمـيم بن زيد عتبيءَ جي دور ۾ سنڌ ۾ وڏو فوجي لشڪر وٺي آيو هـو. حڪم پاڻ سـان گـڏ محمـد بن قاسم جـي نـوجوان پٽ عمرو کي بہ وٺي آيو. هـن سـنڌ ۾ مقيم سڀني عرب قبيلن کي هـڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ لاءِ درياھہ جي اڀرندي ڪناري تي ’المحفوظه‘ نالي شھر ٻڌايو، جيڪو بعد ۾ عربن لاءِ محفوظ ماڳ ۽ فوجي مرڪز بڻجي ويو، جتان سنڌ جي مختلف ڀاڱن ڏانهن فوجون موڪليون وينديون هيون. هن سنڌ تي حملن ۾ ڪاميابي ملڻ بعد درياھہ جي ٻئي ڪـپ تي ’المنصوره‘ جو شھر بہ ٻڌايو، جيڪو ٿوري عرصي ۾ وڏو شھر بڻجي ويو ۽ عربن جي انتظامي توڙي جنگي ڪاررواين جو وڏي ۾ وڏو مرڪز ٿيو. حـڪم بن عوانه جو خاص صلاحڪار بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم هو، جنهن جي مدد سان هن ڪاميابي حاصل ڪئي. نئين شھر المنصوره جي تعمير ۾ عمرو اهم ڪردار ادا ڪيو. هي شھر پوءِ گهڻو عرصو سنڌ جو تختگاھہ رهيو. (حوالو: تاريخ سنڌ- عرب دور: ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ)


هن صفحي کي شيئر ڪريو