حڪيم: حڪيم اصل ۾ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي، عقلمند، دانشور ۽ هوشيار. حڪيم عام طرح طبيب کي چوندا آهن، جيڪو جڙي ٻوٽين سان ماڻهن جو علاج ڪري. ڊاڪٽر لاءِ به هي اصطلاح ڪم آندو ويندو آهي. يونان ۾ سمورن قديم دانشورن ارسطو، افلاطون وغيره لاءِ لفظ ’حڪيم’ استعمال ڪيو ويو آهي جو اهي ڏاهپ ۽ دانشمنديءَ کانسواءِ طب جا به ناليوارا ماهر هئا. انهيءَ سبب پاڪستان ۾ علامه اقبال کي حڪيم الامت چوندا آهن.