حڪيم الھندو خان جويو

حڪيم الھندو خان جويو: حڪيم الهندي خان ولد محمد پريل جويي جو جنم 1902ع ڌاري ڳوٺ ڀورا چنجا ڪلهوڙا، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. غربت سبب پنجن درجن کان وڌيڪ پڙهي نہ سگهيو. حڪيم الهندي جويي جو گذرسفر ٻني ٻاري تي هو. بعد ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. 1954ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو. نوڪريءَ ۾ رهڻ دوران ئي سندس لاڙو حڪمت ڏانهن هوندو هو. ’ڪمال ديري‘ ۾ ٽي سال طب جي تعليم حاصل ڪيائين. پنھنجي سيلاني طبيعت سبب سڄي سنڌ گهمندو ڦرندو هو. حڪيم الھندو خان حڪمت ۾ ڏيهان ڏيھہ مشھور ٿي ويو. سندس اکين جي ڌنڌ لاءِ ٺاهيل سرمي وڏي مشهوري ماڻي. محقق ڊاڪٽر حامد علي خانائيءَ پنھنجي پي. ايڇ. ڊي جي تحقيقي مقالي ۾ لکيو آهي تہ: ”خان جويو'>حڪيم الھندو خان جويو پڊعيدن جو مشھور حڪيم ٿي گذريو آهي. پاڻ علم طب جو ماهر ۽ هڪ هوشيار اهل قلم هو. سندس مختلف طبي، تاريخي ۽ معلوماتي مضمون اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. وٽس هڪ وڏو ڪتبخانو پڻ موجود هو.“
حڪيم الهندي خان جويي 1982ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو