حڪيم حبيب ﷲ بکري

حڪيم حبيب بکري: حبيب بکري ولد خواجا ابراهيم بکري پنھنجي وقت جو ناليوارو حڪيم ٿي گذريو آهي. هيءُ اصل بکر جو رهواسي هو. هيءُ حڪيم سان گڏ عالم ۽ شاعر پڻ هو. هن حڪمت جي موضوع تي ڪيترا طبي ڪتاب تصنيف ڪيا. هيءُ پير سائين حضرت محمد راشد جو عقيدتمند هو. طب جي موضوع تي لکيل سندس هيٺيان ڪتاب اهم آهن: (1) ’رساله در نبض‘، (2) ’دلائل البول‘ ۽ (3) ’دافع الامراض‘ وغيرہ.


هن صفحي کي شيئر ڪريو