حڪيم حسين سيوهاڻي: ناليوارو حڪيم ۽ بزرگ حڪيم حسين سيوهاڻي ولد شيخ الاسلام مراد انصاري سيوهڻ جو رهاڪو هو. ابتدائي تعليم سيوهڻ ۾ پرايائين ڪيائين. ننڍي هوندي شيخ حسين پنھنجي والد سان مديني منوره هجرت ڪري ويو ۽ باقي تعليم عربستان ۾ حاصل ڪيائين. سنڌ جو جليل القدر محدث، شيخ محمد عابد سنڌي سندس ڀائيٽو هو. سندس والد شيخ مراد انصاري، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد هو. ’البانع الجني‘ ۾ شيخ حسين جو سلسله حديث هن طرح آهي: علامہ الشيخ محمد حسن السندي عن الشيخ ابي الحسن بن محمد صادق نقشبندي سنڌي ٺٽوي، عن الشيخ محمد حيات سنڌي، عن الشيخ العلامه ابي الحسن الڪبير سنڌي، عن الشيخ عبدالله بن السالم البصري. حڪيم حسين سيوهاڻي شيخ عبدالله شاھہ ولي ﷲ جو حديث ۾ استاد هو. هن ٽالپرن جي اوائلي دور ۾ يمن جي شھر حريره ۾ انتقال ڪيو.