حڪيم عثمان بوبڪائي

حڪيم عثمان بوبڪائي: حڪيم محمد عثمان ولد شيخ عيسيٰ پنهنجي وقـت جو ناليوارو بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس تعلق بوبڪ سان هو. سندس والد ۽ ڏاڏو شيخ ابراهيم صـديقي به پنهـنجي وقـت جـا مـشـهور عالم هئا. ’تذڪره مشاهيرِ سنڌ‘ جي مصنف لکيو آهي ته: حڪيم عثمان بوبڪن ۾ ڄائو ۽ سنڌ جي جدا جدا استادن وٽ علم حاصل ڪيائين. گهڻو وقت مخدوم محدث پاٽائيءَ جي خدمت ۾ معقول ۽ منقول جـي تـحـصيل ڪيائين، ان کان پـوءِ ان وقـت جي مشهور استاد انعام شـيـخ وجيهه الدين علوي احمد آباديءَ جي خدمت ۾ پهچي ڪيترن علمن جي تحصيل ڪيائين. ان کـان سواءِ قاضي محمود موزمي ۽ شيخ حسين بغداديءَ کان به علم پرايائين.
هيءُ بزرگ اعليٰ پايي جو عالم هو. 983 هه/ 1575ع ۾ سنڌ مان لڏي گجرات ويو، جتان وري برهانپور ۾ وڃي مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. برهانپور جي ’سنڌي پوره‘ محلي ۾ درس تدريس ڏيڻ لڳو. برهانپور جا بزرگ حڪيم عثمان جا معترف هوندا هئا. برهانپور جو والي ۽ ڪامل صوفي حضرت شيخ لشڪر محمد عارف سندس معتقد هو. کيس برهانپور جي حاڪم پاران قضا ۽ فتويٰ جو عالم مقرر ڪيو ويو، جنهن تي ستاويهه سال فائز رهيو. هن کي برهانپور جي حاڪم ديني خدمتن عيوض خانديش واري علائقي ۾ جاگير به ڏني. مير علي شير قانع ٺٽوي کيس ’پنهنجي وقت جو يگانو ۽ نهايت تجربي جو صاحب‘ سڏيو آهي. حڪيم عثمان بوبڪائيءَ جي لکيل تفسير ’بيضاويءَ جو حاشيو‘ ۽ ’صحيح بخاري‘ جي شرح تمام گهڻيون مشهور آهن. طب جو فن، هو خدا جي خلق جي ڀلي لاءِ سکيو هو. حڪيم صاحب نهايت پرهيزگار ۽ نيڪ انسان هو. وقت جا وڏا عالم ۽ صوفي شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري، علامه قاضي عبدالستار سنڌي، شيخ نصيرالدين، مولانا محمد صالح سنڌي، شيخ سِکجي، تذڪره گلزار ابرار جو مصنف سيد محمد غوثي حڪيم صاحب جا شاگرد هئا.
993 هه/ 1585ع ڌاري عيال سميت خانديش واري جاگير گجرات ۾ وڃي رهيو. اتي پهچڻ شرط مغل شهنشاهه اڪبر جي فوج خانديش واري علائقي کي گهيرو ڪيو، جنهن بعد هن واپس برهانپور رخ ڪيو، پر موٽندي رستي ۾ ئي کيس ڦر دوران عيال سميت (1008هه/ 1696ع) شهيد ڪيو ويو.


لفظ حڪيم عثمان بوبڪائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو