حڪيم غلام مرتضيٰ شاھہ

حڪيم غلام مرتضيٰ شاھہ: حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاھہ جو نالو طب جي دنيا ۾ پوري سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس تعليم۽ تربيت اعليٰ ماحول ۾ لائق استادن جي زير نگراني ٿي. کيس طب ۾ وڏي مهارت هئي. کيس ’شمس الاطباءُ‘ جو لقب ڏنو ويو. جمعيت الاطباءَ ۽ پاڪستان طبي ڪانفرنس جو صدر ٿي رهيو. سندس ڪوششن سان ٽنڊي محمد خان ۾ طبيه ڪاليج جو بنياد پيو. هن طبي مخزن بہ جاري ڪئي. سنڌ ڪوآپريٽوِ دواخانه لميٽيد جو محرڪ ۽ باني هو. سندس طبي مهارت جو اعتراف هند ۽ سنڌ جي نامور ڊاڪٽرن ۽ طبيبن ڪيو آهي.
سنڌ جي هن نامور حڪيم، 27 جنوري 1961ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.01.27  عيسوي

سنڌ جي هن نامور حڪيم، 27 جنوري 1961ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليمان تاجر
ڀارواڻي وشنداس
سيد عالم شاھہ
خانبهادر شيخ صادق علي انصاري
شبير ڪنڀار
حڪيم محمد واصل درس
سنتوش ڪمار
صديقي امير حسن
جهمٽ مل ٽلواڻي
امداد محمد شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون