حڪيم غلام مرتضيٰ شاھہ

حڪيم غلام مرتضيٰ شاھہ: حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاھہ جو نالو طب جي دنيا ۾ پوري سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس تعليم۽ تربيت اعليٰ ماحول ۾ لائق استادن جي زير نگراني ٿي. کيس طب ۾ وڏي مهارت هئي. کيس ’شمس الاطباءُ‘ جو لقب ڏنو ويو. جمعيت الاطباءَ ۽ پاڪستان طبي ڪانفرنس جو صدر ٿي رهيو. سندس ڪوششن سان ٽنڊي محمد خان ۾ طبيه ڪاليج جو بنياد پيو. هن طبي مخزن بہ جاري ڪئي. سنڌ ڪوآپريٽوِ دواخانه لميٽيد جو محرڪ ۽ باني هو. سندس طبي مهارت جو اعتراف هند ۽ سنڌ جي نامور ڊاڪٽرن ۽ طبيبن ڪيو آهي.
سنڌ جي هن نامور حڪيم، 27 جنوري 1961ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.01.27  عيسوي

سنڌ جي هن نامور حڪيم، 27 جنوري 1961ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير ابو محمد صالح شاھہ جيلاني
بولچند
آرمسٽرانگ نيل
حسين هارون
برڪت علي ڀٽ
سيد مراد علي شاھہ
شھاب الدين حڪيم
ثابت فقير
بخاري جمال الدين
غلام مجدد اسراڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون