حڪيم لقمان (3000 ق-م): عرب جي قديم برگزيده هستي، حڪمت ۽ دانائيءَ ۾ ضرب المثل حڪيم لقمان دنيا ۾ مشھور آهي. ان دؤر جي شاعرن جھڙوڪ: امرؤ القيس، لبيد، اعشيٰ، طرفه وغيرہ جي ڪلام ۾ لقمان جو ذڪر موجود آهي. ’سيرت ابن هشام‘ ۽ ’اسد الغابه‘ ۾ آهي تہ سويد بن صامت جڏهن مديني مان حج لاءِ مڪي پهتو تہ حضور صلعم جن کي حاجين کي تبليغ ڪندي ٻڌو تہ عرض ڪرڻ لڳو تہ جيڪي ڪجهہ اوهان فرمائي رهيا آهيو، اهو سڀ ڪجهہ مون وٽ موجود ڪتاب ’صحيفه لقمان‘ ۾ موجود آهي، پاڻ سڳورن جي حڪم تي سويد ’صحيفه لقمان‘ جو ڪجهہ حصو بيان ڪيو، اهو ٻڌي پاڻ سڳورا فرمائڻ لڳا تہ مون وٽ هن کان گهڻو سٺو ڪلام موجود آهي. حيرت آهي قديم دؤر کان عربن وٽ ’صحيفه لقمان‘ جي موجودگيءَ جي باوجود حڪيم لقمان جي حسب نسب بابت ڪا خبر نہ آهن. حڪيم لقمان کي ڪٿي حضرت ايوب جو ڀاڻيجو ۽ ڪٿي وري حضرت ايوب جو ماسات چيو ويو آهي. هن حضرت ايوب کان علم پرايو ۽ حضرت دائود جي زماني ۾ مشھور عام ٿيو. بني اسرائيل قوم جو قاضي رهيو. سندس سلسلهء نسب لقمان بن عنقابن مرون هو، ابن ڪثير مرون کي سدون لکي ٿو ۽ چوي ٿو تہ هن کي لقمان بن ثاران بہ چيو ويو آهي. ’مواهب الرحمٰن‘ ۾ سندس سلسلهء نسب هن طرح بہ درج ٿيل آهي. لقمان بن باعور بن ناحور بن تارح ۽ تارح حضرت ابراهيم جو پيءُ هو، حڪيم لقمان جو ذڪر ’دائره معارف يهود‘ يا ’انجيل‘ هجي ها، پر ائين نہ آهي، القامسي ’تفسير القاسمي‘ ۾ لکيو آهي تہ بعض علماء اسلام جو خيال آهي تہ ’تورات‘ ۾ مذڪور ’بلعام‘ مان مراد لقمان آهي.
’روض الانف‘، ’تاريخ ابن ڪثير‘ ۽ ’تفسير ابن ڪثير‘ ۾ لکيل آهي تہ حڪيم لقمان ڪاري رنگ جو حبشي غلام هو، هي نوبه جي رهڻ وارو هو، جيڪو مصر جي ڏکڻ ۽ سوڊان جي اتر ۾ واقع آهي، ’تفسير الڪشاف‘ ۾ درج آهي تہ لقمان درزي هو، امين، حق گو ۽ منصف هجڻ ڪري کيس حڪمت عطا ٿي. ابن عباس کان حضور اڪرمصه جي حديث منقول آهي تہ: ”ٽي حبشي جنت وارن مان آهن، لقمان، نجاشي ۽ بلال. هن بابت ’ڪتاب التيجان‘ ۾ ڄاڻايل آهي تہ هي اصل آفريڪي نہ بلڪ عربي نسل هو. لائيڊن جي ’انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام‘ ۾ هيلر لکيو آهي تہ حڪيم لقمان هڪ نيڪ فطرت بادشاھہ هو. قرآن مجيد ۾ بہ حضرت لقمان پنھنجي پٽ کي خودپسندي ۽ نخوت کان پري رهڻ جي نصيحت ڪئي آهي. جيئن تہ لقمان نج عرب هو ۽ يهودين ۽ نصرانين جي مذهبي يا سياسي تاريخ سان ان جو ڪو بہ تعلق نہ هو. انهيءَ ڪري انهن جي ڪتاب ۾ هن جو ذڪر موجود نہ آهي، ٻئي طرف عربن کي حڪيم لقمان تي ناز هو، اهي هن جو نالو قديم دؤر کان وڏي احترام سان وٺندا هئا، گڏوگڏ قرآن مجيد بہ هن تاريخي شخصيت کي حيات جاودان عطا ڪئي. يورپ جا عالم حڪيم لقمان ۽ يوناني حڪيم ايسپ کي هڪ ئي تصور ڪندا آهن، پر سيد سليمان ندويءَ انهي ڳالھہ جي مخالفت ڪئي آهي. جيئن تہ عڪرمه کان روايت آهي تہ حڪيم لقمان نبي هو ۽ ’ڪتاب التيجان‘ ۾ عبدالله ابن عباس کان بہ منقول آهي تہ لقمان نبي هو، پر رسول نہ هو، پر ’البداية والنهاية‘ ۽ ’مواهب الرحمٰن‘ ۾ عڪرمه جي هن روايت کي ضعيف ۽ غير مصدقه قرار ڏنو ويو آهي. ’تفسير القاسمي‘ ۾ پڻ اها ڳالھہ لکيل آهي ۽ اهو بہ لکيل آهي تہ جمهو ر سلف جو قول آهي تہ لقمان نبي نہ هو. قرآن مجيد ۾ لقمان کي حڪيم چيو ويو آهي ۽ هن کي حڪمت ۽ دانائي، عقل و فراست جي بنا تي عطا ٿي هئي. عرب قوم کي قرآن مجيد ٻڌايو ته، توهان صدين کان جنهن جي عقل ۽ فراست جا قائل آهيو ۽ اهو توحيد جو حامي ۽ شرڪ کي عظيم ظلم قرار ڏيندو هو، ان سان گڏوگڏ سورة لقمان ۾ حڪيم لقمان جا پندو نصاح (نصيحتون ۽ نيڪ مشورا) ايترا تہ جامع ڏنل آهن، جو انهن تي عمل ڪرڻ انساني اصلاح و فلاح لاءِ ڪافي آهي.
’معارف القرآن‘ ۾ قرطبي جي حوالي سان بيان ڪيو ويو آهي ته، ”وهب بن منبه حڪيم لقمان جي حڪمت جا ڏھہ هزار کان مٿي باب پڙهيا هئا.“ (حوالو: اردو دائره معارف اسلاميہ)