حڪيم محمد احسن

حڪيم محمد احسن: حڪيم محمد احسن سنڌ جي ناليواري حڪيم ۽ سياسي، سماجي اڳواڻ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي گهر ۾ 1918ع ڌاري جنم ورتو. هيءُ ڪـراچيءَ جـو ميئر رهيـو. هن ابتدائي تعليم ڪراچيءَ ۾ حـاصـل ڪـئـي. هـن تـحـريڪ خلافت جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر چونڊيو ويو. آگـسـٽ 1947ع ڌاري به حـڪـيـم محمد احسن ڪراچيءَ جو ميئر هو ۽ جڏهن 7 آگسٽ 1947ع تي محمد علي جناح دهليءَ کان ڪراچي اچي رهيو هو ته ماڙيپور هوائي اڏي تي سڀ کان پهرين هن ان جو استقبال ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ حڪيم محمد احسن ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ٿيو. هن 13 سيپٽمبر 1994ع تي وفات ڪئي.


لفظ حڪيم محمد احسنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.08.07  عيسوي

آگـسـٽ 1947ع ڌاري به حـڪـيـم محمد احسن ڪراچيءَ جو ميئر هو ۽ جڏهن 7 آگسٽ 1947ع تي محمد علي جناح دهليءَ کان ڪراچي اچي رهيو هو ته ماڙيپور هوائي اڏي تي سڀ کان پهرين هن ان جو استقبال ڪيو.


1994.09.13  عيسوي

هن 13 سيپٽمبر 1994ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بکر فقير شهيد
ڀرگُو
رحيم بخش بدوي
شهناز انصاري
حاجي خان خشڪ
صوف فقير
شيخ پريو
ٽهل ايسرداس ڪيسواڻي
عبدالله ملاح پروفيسر
روئداد خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون