حڪيم محمد صادق ’مورائي‘ قاضي: ناليوارو عالم، مفتي، علم حديث ۽ علم تفسير جو ڄاڻو، حڪيم ۽ شاعر قاضي محمد صادق ولد مخدوم ميان عبدالرئوف مورائي، 13 ذوالقعد 1300 هه/ 15 سيپٽمبر 1883ع تي موري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم فيروز شاهه، ضلعي دادوءَ جي قديم درسگاهه مان حاصل ڪيائين. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد علم طب جي تحصيل مولانا عبدالغفور همايونيءَ وٽان 1322هه/1904ع ۾ ڪيائين. علمِ قلندري ۽ علمِ باطني کيس والد وٽان اويسي وهبي طريقي سان مليو. قاضي محمد صادق تحرير ۽ فتويٰ نويسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو. هيءُ اعليٰ درجي جو ڪاتب، خط نويس ۽ نستعليق جو ماهر ۽ اسلامي تاريخ جو به اعليٰ پايي جو مصنف هو. کيس علم ميراث جي به وڏي ڄاڻ هئي. ڪيترن ئي وڏن عالمن جي فتوائن ۽ تحريرن کي غلط قرار ڏيندي، انهن جو رد لکيائين. سنڌي ۽ فارسي ٻولين ۾ شاعري به ڪيائين. سندس ڪلام ۾ تصوف ۽ فقيريءَ جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو. سندس تخلص سنڌي شاعريءَ ۾ ’صادق‘ ۽ ’فقير‘ هو، جڏهن ته فارسيءَ ۾ ’واعظ‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس وڏو ڀاءُ صديق مورائي'>حڪيم محمد صديق مورائي به وقت جو وڏو جيد عالم ۽ خلافت تحريڪ جو اڳواڻ ٿي گذريو آهي.
حڪيم محمد صادق مورائيءَ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا، جن مان: (1) ’بيان صادق‘، (2) ’ڪالم صادق‘ ۽ (3) ’تحريرون ۽ فتوائون‘ اهم آهن.
هن 16 ذوالحج 1388هه / 6 مارچ 1969ع تي وفات ڪئي.
1883.09.15 عيسوي
قاضي محمد صادق ولد مخدوم ميان عبدالرئوف مورائي، 13 ذوالقعد 1300 هه/ 15 سيپٽمبر 1883ع تي موري ۾ ڄائو.
1969.03.06 عيسوي
هن 16 ذوالحج 1388هه / 6 مارچ 1969ع تي وفات ڪئي.